وزيراعظم ۽ نواز شريف جي مودي کي وزيراعظم ٿيڻ تي مبارڪباد

وزيراعظم ۽ نواز شريف جي مودي کي وزيراعظم ٿيڻ تي مبارڪباد

لاهور (ويب ڊيسڪ)مسلم ليگ (ن) جي صدر نواز شريف ڀارت جي صدر کي مسلسل ٽيون ڀيرو وزيراعظم ٿيڻ تي مبارڪباد ڏني آهي ۽ خطي جي بهتري لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي دعوت ڏني آهي ۽ چيو آهي ته اچو ته گڏجي نفرتن جو مقابلو ڪيون مسلم ليگ (ن) جي صدر ميان نواز شريف سوشل ميڊيا ويب سائيٽ ايڪس تي مسلسل ٽيون ڀيرو ڀارت جو وزيراعظم بڻجڻ تي نريندر مودي کي مبارڪباد ڏني آهي. هن پنهنجي پيغام ۾ چيو ته تازو چونڊن ۾ توهان جي پارٽي جي ڪاميابي توهان جي قيادت تي عوام جي اعتماد جي عڪاسي ڪري ٿي.هن ڀارتي وزيراعظم کي خطي جي بهتري لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي دعوت ڏني ۽ چيو ته اچو ته ان موقعي جو فائدو وٺي ڏکڻ ايشيا ۾ رهندڙ ٻه ارب ماڻهن جي قسمت بدلائي نفرتن کي اميد سان تبديل ڪريون. نريندر مودي مبارڪباد واري پيغام تي مسلم ليگ ن جي صدر جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته توهان جي مبارڪباد واري پيغام کي ساراهيون ٿا. هن چيو ته ڀارت جو عوام هميشه امن، سلامتي ۽ ترقي پسند خيالن سان گڏ بيٺل رهيو آهي ۽ ڀارت جي عوام جي ڀلائي ۽ سلامتي لاءِ ڪم ڪرڻ هميشه منهنجي ترجيح هوندي. ان کان اڳ وزيراعظم شهباز شريف به نريندر مودي کي ٽيون ڀيرو وزيراعظم جو حلف کڻڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ڀارتي وزيراعظم به سندس شڪريو ادا ڪيو.هوڏانهن نريندر مودي ٽئين مدي جي لاءِ ڀارت جي وزيراعظم جو حلف گذريل ڏينهن 9 جون تي کنيو جنهن کان پوءِ اڄ وزيراعظم شهباز شريف کيس مبارڪباد پيش ڪري ڇڏي آهي.شهباز شريف مائيڪرو بلاگنگ ويب سائيٽ ايڪس تي نريندر مودي کي مينشن ڪندي سندس نالي پيغام جاري ڪيو.شهباز شريف لکيو ته نريندر مودي کي ٽيون ڀيرو وزيراعظم جو حلف کڻڻ تي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو