تحرير الله بچايو رند
شاهه عبدالڪريم بلڙي واري جا وڏا هرات جا رهاڪو هئا. هن خاندان جو هڪ بزرگ سيد حيدر شاھ هرات مان لڏي سنڌ ۾ آيو ۽ هالا ڪنڊي (موجوده هالا پراڻا) ۾ اچي رهيو. ان وقت هالا جي حاڪم هالا جي رهواسين تي 525 روپيه ڏنڊ (ٽيڪس) وڌو. هالا واسي ڏنڊ ڀرڻ جهڙا نه هئا. سيد حيدر اهو ڏنڊ ڀري ڏنو ۽ هتان جي عوام جي پريشاني دور ٿي. سيد حيدر جو پاڙيسري شاهه محمد هالو هو. سيد حيدر جي نيڪي ۽ بزرگي کان ڏاڍو متاثر ٿيو ۽ هن کي پنهنجي نياڻي جي سنگ ڏيڻ جي آڇ ڪئي جيڪا هن خوشيءَ سان قبول ڪئي. شادي ڪرڻ کان پوءِ هو هالا ڪنڊي ۾ سڪونت اختيار ڪري ويٺو. ڪجهه عرصي کان پوءِ پنهنجي پيءَ جي انتقال جو ٻڌي هو هرات هليو ويو. هرات ۾ اڳين گهر واري مان ٻه پٽ سيد محمد ۽ سيد حسن پيدا ٿيا. هن جي هرات وڃڻ کان پوءِ هالي گهراڻي واري ڇوڪري مان به هڪ پٽ پيدا ٿيو جنهن جو نالو سيد علي رکيو ويو. سيد علي سنڌ ۾ ٻه شاديون ڪيون. هڪ هالي ذات وارن مان ٻي ترڪ قوم مان. هن کي هالي ذات واري مان هڪ پٽ شرف الدين ۽ ترڪ قوم واريءَ مان سيد احمد ڄائو ڪجهه عرصي کان پوءِ هو هالاڪنڊي کي ڇڏي مٽيارين ۾ اچي رهيا. مٽيارين ۾ رهڻ کان پوءِ سندس خاندان چئن قبيلن جرار پوٽا، باقيل پوٽا، موسيٰ پوٽا ۽ ميعين پوٽا ۾ ورهائجي ويو. شاهه عبدالڪريم جو تعلق جرار پوٽا قبيلي سان آهي جيڪو اڳتي هلي مٽياري سيد به سڏيا. شاھ عبدالڪريم جو حسب نسب امام جعفر صادق سان ملي ٿو جيئن ته سرزمين سنڌ جو بلند اخلاق اولياء صوفي ۽ سنڌي شاعري جو ”وهائو تارو“ شاهه عبدالڪريم بلڙي وارو مٽيارين جي شهر ۾ پروفيسر سروپچندر شاد موجب سن 944هه مطابق 1534ع ۾ پيدا ٿيو.

هن جي والد جو نالو سيد لعل محمد شاهه عرف سيد الله شاهه هو جيڪو پنهنجي وقت جو بزرگ ٿي گذريو آهي. مون پنهنجي لکڻين ۾ ڪوشش ڪئي آھي ته وقت جي ولين درويشن جي دور جي سياسي اٿل پٿل ڪڏهن به وسارڻ نه گهرجي سو شاهه عبدالڪريم جي دور جي سياسي صورتحال ڪجھ هن طرح ھئي. پاڻ سمن جي دور (1331ع 1551ع) کان 17 سال پوءِ ڄائو. اُن وقت سمن جي خاندان جو آخري حاڪم ڄام فيروز هو. ڄام فيروز جو ذڪر ظالم حڪمرانن ۾ ٿئي ٿو هن پنهنجي سنڀاليندڙ ۽ محسن درياء خان تي شڪ ڪيو، جنهن تي ڪاوڙجي درياء خان هن کي ڇڏي هليو ويو. درياء خان جي وڃڻ کان پوءِ ڪڇ مان صلاح الدين سنڌ تي ڪاهي آيو ۽ ڄام فيروز کان حڪومت کسي ورتي. ان کان پوء ڄام فيروز سميت عوام جي ميڙ منٿ کي مڃي درياء خان موٽي آيو بکر ۽ سيوهڻ مان لشڪر گڏ ڪري صلاح الدين تي چڙهائي ڪئي ۽ ڄام فيروز کي حڪومت واپس وٺرائي ڏني. شاهه بيگ ارغن انهي وقت ۾ قنڌار جو حاڪم هو، بابر جي فوجين جو قندار طرف زور ڏسي هو سنڌ فتح ڪرڻ لاءِ سنڌ آيو. ڄام فيروز غافل ۽ پرمتڙيو هو. هن پنهنجي حڪومت جي انتظام کي درهم برهم ڪري ڇڏيو هو. شاهه بيگ ارغون 1521ع ۾ ٺٽي تي چڙهائي ڪئي. هن لڙائي ۾ بهادري سان وڙهندي سنڌ جو دولهه درياء خان شهيد ٿي ويو. شاهه بيگ جي جيت ٿي ۽ ارغون جي سنڌ ۾ حڪومت قائم ٿي. شاهه بيگ جي موت کان پوءِ سندس پٽ مرزا حسن سنڌ جو حاڪم ٿيو. ڄام فيروز گجرات مان لشڪر وٺي سنڌ تي حملو ڪيو ۽ هارائي وري گجرات طرف ڀڄي ويو. مرزا شاهه حسن 34 سال حڪومت ڪئي ۽ انهيءَ کان پوءِ مرزا عيسيٰ خان مرزا شاهه حسن جي زال ماهه بانو سان شادي ڪري ٺٽيءَ جو حاڪم ٿيو. هن کان پوءِ سندس پٽ مرزا محمد باقي گادي تي ويٺو. باقي جي موت کان پوءِ سندس پوٽي مرزا جاني بيگ کي تخت تي ويهاريو ويو. هو وڏو ظالم هو شهنشاهه اڪبر هن کي سزا ڏيارڻ لاءِ نواب محمد صادق کي چاڙهي موڪليو جنهن سيوهڻ تي حملو ڪيو جتان هو هارائي موٽيو. شهنشاهه اڪبر ڪاوڙجي مرزا خان عبدالرحيم خان کي سنڌ تي چاڙهي موڪليو جنهن سخت لڙائي کان پوءِ سيوهڻ تي قبضو ڪري فتح حاصل ڪئي. مرزا جاني بيگ ٺٽي کي باهه ۾ ساڙائي برباد ڪري ڇڏيو. هن جي وفات کان پوءِ هن جي پٽ خسرو چرڪس کي ٺٽي جو نواب بنايو ويو. هو قنڌار ۾ رهندو هو اُتي هو چريو ٿي ويو ۽ گذاري ويو. اهڙي طرح ارغونن جي حڪومت ختم ٿي ويئي. شاهه ڪريم جي وقت ۾ سنڌ جي حالت ڏاڍي خراب هئي. مرزا عيسيٰ بيگ ۽ محمود بکري جي خانه جنگي، گووا جي پورچوگيزن جي ڦرن ۽ باهين، مرزا باقي بيگ جي چڙهاين ۽ ڏاڍ، مرزا جاني بيگ جي ظلمن ۽ مرزا صادق جي چڙهاين ملڪ کي برباد ڪري ڇڏيو. مجبور ۽ بيوس ماڻهن تصوف جي راهه اختيار ڪئي ۽ صوفي بزرگن پنهنجي نهٺائي ۽ سَهپ واري تعليم جي ذريعي ماڻهن کي سهارو ڏنو ۽ کين منظم ڪري سڪون پهچايو. شاهه ڪريم جي ڪلام ۾ نهٺائي، سهپ، صبر ۽ تحمل جي ذريعي سنڌ سان ٿيندڙ ظلمن ۽ زيادتين جو رد عمل ۽ هوشمندي وارو انوکو اهڃاڻ صاف صاف نظر اچي ٿو. شاهه عبدالڪريم جو والد سيد لعل محمد شاهه هن جي ننڍپڻ ۾ گذاري ويو. انهي ڪري هن جي والده ۽ وڏي ڀاءُ سيد جلال شاهه هن جي پرورش ڪئي. شاهه ڪريم ظاهري علمن کي پسند نه ڪندو هو. شاهه ڪريم کي پنجن ڇهن سالن جي عمر ۾ مڪتب ۾ داخل ڪرايو ويو. ننڍي هوندي کان سندس روح رب سان لڳل هو. هن مڪتب ۾ فقط ٻه سيپارا پڙهيا. هن کي ظاهري تعليم سان لڳاء ڪونه هو شاھ ڪريم ذڪر ۽ فڪر کي ظاهري علم کان وڌيڪ سمجهندو هو هن کي سماء سان بي انتها محبت هئي وي ڀاء سيد جلال شاھ جي وفات کان پوء گهر جو سمورو بار هن جي ڪلهن تي اچي ويو گهر جو گاڏو هلائڻ لاء محنت مزدوري ڪرڻ لڳو جهنگ وڍيندي پاڻ مٺڙي آواز ۾ بيت جهونگاريندو رهندو هو شاھ ڪريم درويشن ۽ فقيرن جي صحبت ۾ رهندي قرآن پاڪ حديث تفسير ۽ تصوف جي وڏي ڄاڻ رکندو هو۔ عربي ٻولي فارسي تي به عبور حاصل هئس ياد رهي ته سندس ان دور ۾ سنڌ ۾ ڌارين جي ٻولي فارسي سرڪاري طور رائج هئي. محمد صديق ميمڻ پنهنجي ڪتاب (سنڌ جي ادبي تاريخ) ۾ لکيو آھي ته شاھ ڪريم تي مولانا رومي جي مثنوي شريف جو به خاص اثر هو، شاھ ڪريم سماع جو ديوانو هو سندس آواز اهڙو ته مٺو هوندو هو جو ماڻھو ٻڌڻ لاء بيتاب رهندا هئا هو سماع کي خدا جي بندگي ۽ عبادت جو بهترين طريقو سمجهندو هو سندس قول مبارڪ آھي ته {سماع به علمن مان هڪ علم آھي جنهن مان ڪوبه خطرو ناهي} پاڻ ھڪ دفعو فرمايائين {ڪن علم پڙھيو ڪن هنر سکيو پر مون رڳو سماع سکيو} ڪافي اهل علم هن ڳالھ تي متفق آھن ته سماع کي صوفي درويشن خدا جي ياد ۾ تزڪيه نفس جو هڪ تربيتي نمونو سمجهندا هئا. شاھ ڪريم پنهنجي پوري زندگي الله جي عبادت ۽ انساني حق ادا ڪندي گذاريا پاڻ مسڪيني حالت ۾ به ماڻھن جي مدد ڪندو هو ڪڏهن ڪڏهن ته سندس حصي جي ماني به ڪنهن مسافر يا پاڙي جي بکيي کي کارائي پاڻ بک تي سمهي رهندو هو چون ٿا ته پاڻ جڏهن نماز پڙھندا هئا ته هن تي بيهوشي تاري ٿي ويندي هئي. شاھ عبدالڪريم سير سفر جو شوقين هو جواني کان پيري تائين سفر ڪندو هو هو سموري سنڌ ۽ هنڌ ۾ ھلندو سندس احمد آباد{هندستان} واري سير دوران اتي هن کي هڪ فقير مليو پاڻ ان سان ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪيائين ان درويش وڌيڪ ڳالهائڻ بجاء ھڪ هندي زبان ۾ شعر ٻڌايو جيڪو ڪريم سائين تمام گهڻو وڻيو(هيڪو جو اکر ونگڙو جو گر تسي ڏي انڌاري گهرديولا ڦر ڦر جوت ڪري) ڪريم سائين وٽ ان مهل جيڪي ڪجھ ان جا ڪاسا ۽ چادر هئي ان فقير کي ڏئي هليو ويو. شاھ ڪريم جي هڪ اها به خوبي ته شايد سيدن احترامن پاڻ فقير سڏائيندو هو رات جي وقت به پنڌ ۾ ڪڏهن ٺٺي جي مسجدن جا اڱڻ ٻھاري پاڻي جو مٽڪيون پيو ڀريندو هو ته ڪڏهن وري مٽياري ۾ ڪنهن مسافر کي ستل ڏسي ان کي مٺڙيون پيو هڻندو هو .هتي بيان العارفين جو به ذڪر لازمي ڪبو ڪريم سائين جو مريد محمدرضا جنهن سائين جي وفات کان 6 سال پوء سندس شاعري کي سهيڙي فارسي نثر ۾ بيان العارفين طور منظر تي آندي ان کان پوء عبدالرحمان ڪاٺ ٻانڀڻ جيڪو ڪڇ جو رهندڙ ھو ان سائين جي بيان العارفين کي الف جي ترتيب سان سنڌي نظم ۾ ترجمو ڪيو جيئن ته مٿي ذڪر ڪري آيا آھيون ته ڪريم سائين جي دور ۾ سرڪاري ٻولي فارسي هئي پر ڪريم سرڪار پنهنجي ٻولي سنڌي سان محبت ڪندي شاعري به سنڌي ۾ ڪئي سندس ٽوٽل 92 بيت ملي سگهيا آھن ڪريم سرڪار جي واٽ تي هلندي لطيف سرڪار به وطن پرستي ۽ ٻولي سان پيار جو مثال بنيل آھي. شاھ عبدالڪريم جي خاص مريدن جو احوال انشاء الله مائي بلڙي جي احوال ۾ ذڪر ڪبو. ڪريم سرڪار زندگي جا آخري ڏينهن حجري ۾ گذاريا پاڻ حجري ۾ اڌ رات جو اٿي بيت جهونگاريندا هئا پاڻ محنت ۽ مشقت واري زندگي گذاريائون هن عظيم درويش سنڌ ڌرتي کي فيض سان مالا مال ڪندي 88 سالن جي ڄمار ۾ 7 ذوالقعد سن 1032ھ بمطابق 1622ع ۾ وفات ڪئي سندس عاليشان درگاه سندس پڙ پوٽي شاھ عبدالطيف ڀٽائي 1154ھ ۾ ملتان مان ڪاشي جو سرون آڻي جوڙائي. هن مضمون ۾ حوالا ڪتاب۔۔سنڌي ٻولي جا سرجڻهار شاعر(ليکڪ پروفيسر سروپ چندر شاد)، بيان العارفين و تنبيه الغافلين( سنڌي ادبي بورڊ)، شاھ عبدالڪريم(ليکڪ موتي لال جوتواني)، ابيات شاھ ڪريم (ليکڪ ڊاڪٽر نجم الاسلام)، سنڌي ادب جي مختصر تاريخ مان ورتا ويا آهن.










