شاهه محمود قريشي جي جيل ۾ طبيعت خراب، اسپتال منتقل

راولپنڊي: (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي پرڏيي وزير ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي جي جيل ۾ طبيعت خراب ٿي وئي آهي.ذريعن موجب اڊيالا جيل ۾ قيد شاهه محمود قريشي جي طبيعت اوچتو خراب ٿي وئي جنهن تي کيس جيل کان اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.ذريعن موجب جيل اختيارين شاهه محمود قريشي کي فوري طور تي اسپتال منتقل ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. جنهن کان پوءِ کيس پمز اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.ذريعن موجب پمز اسپتال ۾ شاهه محمود قريشي جون ضروري ٽيسٽون ڪيون وينديون جنهن کي ڏسڻ کان پوءِ کيس اسپتال ۾ وڌيڪ رکڻ يا نه رکڻ بابت فيصلو ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو