اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اڳوڻي اٽارني جنرل ۽ سپريم ڪورٽ جي وڪيل شاهه خاور ايڊووڪيٽ کي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو چيف اليڪشن ڪمشنر مقرر ڪيو ويو وزارت بين الصوبائي رابطا پاران جاري ڪيل پڌرائي مطابق شاهه خاور کي 10 لک رپيا مهيني وار پگهار تي ٽن مهينن لاءِ پي سي بي جو چيف اليڪشن ڪمشنر مقرر ڪيو ويو آهي شاهه خاور کي 4 فيبروري 2024 کان اڳ پي سي بي جي اليڪشن ڪرائڻ جي ذميواري ڏني وئي آهي شاهه خاور کي ريجرنز ۽ پي سي بي جي چيئرمين جي اليڪشن ڪرائڻ جي ذميواري ڏني وئي آهي خيال رهي ته هن وقت پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جا معاملا عبوري مئنجمينٽ ڪميٽي جو چيئرمين ذڪا اشرف ڏسي رهيو آهي جنهن جي مدي ۾ هلندڙ مهيني ئي نگران وزيراعظم انورالحق ڪاڪڙ واڌ ڪئي هئي.










