شاهزيب جيلاني جي هڪ لک عيوض ضمانت ڪنفرم، رياستي موقف رد

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ڏکڻ جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج امداد حسين کوسو دنيا جي مشهور صحافي شاهه زيب جيلاني جي ايف آءِ آي پاران داخل ڪيل ڪيس ۾ پڪي ضمانت منظور ڪري ڇڏي. ايف آءِ اي ضمانت جي مخالفت ڪئي پر صحافي جي وڪيل سلمان مرزا چيو ته سمورا الزام من گهڙت آهن ۽ ڪيس ۾ دم ناهي. ايف آءِ اي فرمائش تي شڪايتون ڪندڙمولوي اقبال حيدرجي درخواست تي رياستي ادارن خلاف نفرت پکيڙڻ ۽ دهشتگردي جي الزامن سميت مختلف شقن هيٺ ڪيس داخل ڪيو ويو هو. ڪيس جي جاچ ڪندڙ ايف آءِ اي جي اهلڪار اڪبر خان محسود ضمانت جي مخالفت ڪندي چيو ته صحافي نفرت ڦهلائڻ ۽ رياستي ادارن کي بدنام ڪرڻ ۽ انهن ۾ غلط فهميون پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. صحافي جي وڪيل ٻن ٽي وي شوز ۽ ٽويٽ ۾ جيڪو ڪجهه چيو آهي اهو قانون جي ڪنهن به شق جي خلاف ناهي. عدالت ٻنهي ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد هڪ لک روپين عيوض نامياري صحافي شاهزيب جيلاني جي ضمانت پڪي ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو