ڪراچي (استاف رپورٽر) سنڌ حڪومت جي حڪمن جي روشنيءَ ۾ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي پاران ايف ٽي سي بلڊنگ کان کان ايئرپورٽ شاهراهه فيصل تي ٺهيل عمارتن جي ٻاهرئين حصي جي مرمت جو فيصلو ڪيو آهي، ان سلسلي ۾ آرڪيٽيڪٽس جون خدمتون به حاصل ڪيون وينديون. ڊائريڪٽر جنرل ايس بي سي اي جي صدارت هيٺ شاهراهه فيصل جي خوبصورتي جي حوالي سان هڪ اهم ( فالو اپ ) اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ چيئرمين آباد آصف سم سم جي اڳواڻي ۾ آباد جي وفد، ضلعي انتظاميا پاران ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر 2 (ايسٽ) سميت سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي آفيسرن شرڪت ڪئي. تفصيل موجب مڪاني کاتي واري صوبائي وزير سعيد غني جي خصوصي حڪمن جي روشني ۾ ايس بي سي اي پاران ڪراچي شهر جي اهم ترين روڊ ( شاهراهه فيصل ) تي ٺهيل عمارتن جي خوبصورتي جي ڪم جي حڪمت عملي جوڙي وئي آهي جلد ڪم شروع ڪيو ويندو، ان سلسلي ۾ ايس بي سي اي ۽ ايسوسي ايشن آف بلڊرز اينڊ ڊولپرز (آباد) گڏجي ڪم ڪندا جڏهن ته ضلعي انتظاميه ضلعي اوڀر سان سهڪار ڪندي. شاهراهه فيصل تي ايئرپورٽ کان ايف ٽي سي بلڊنگ جي وچ ۾ سمورن رهائشي ۽ ڪمرشل عمارتن جي ٻاهرئين حصي جي مرمت جو ڪم ڪيو ويندو، جنهن ۾ شادي هال، پيٽرول پمپس، رهائشي ۽ ڪمرشل عمارتون شامل آهن. بيوٽيفڪيشن جي ڪم ۾ ٻاهرين عمارتن کي پينٽ ڪيو ويندو، روشني، صفائي، شاهراهه فيصل جي وچ ۾ گرين بيلٽ جي مرمت سميت روڊ جي ٻنهي پاسن کان وڻ ۽ ٻوٽا لڳايا ويندا. ان حوالي سان ڊائريڪٽر جنرل عبدالرشيد سولنگي تفصيلي دورو ڪيو دوري دوران آباد جي وفد سميت سمورن لاڳاپيل ادارن جا آفيسر ساڻس گڏ هئا. ان موقعي تي ڊائريڪٽر جنرل ايس بي سي اي ڪيترن ئي ٻاهرئين خراب حالتن ۾ عمارتن جي نشاندهي ڪندي کين نوٽيس جاري ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ڊائريڪٽر جنرل عبدالرشيد سولنگي چيو ته شاهراهه فيصل ملڪ جي اميج ۾ خاص اهميت رکي ٿو، صاف ۽ خوبصورت اڏاوتون مهذب قوم جي باري ۾ سفارتي، تجارتي ۽ سياحتي مهمانن تي بهتر تاثر پيدا ڪن ٿيون. خوبصورت عمارتون ملڪ جي ترقيءَ ۽ خوشحاليءَ لاءِ هاڪاري ۽ مددگار ٿينديون آهن، جيڪي شهرين جي مزاج، تهذيب ۽ تمدن جي عڪاسي ڪن ٿيون، ان سلسلي ۾ ملڪ ۽ شهر جي ترقيءَ ۽ خوشحاليءَ لاءِ هڪ ٻيو مثبت ۽ سنجيده قدم تي ڊائريڪٽر جنرل ۽ اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن سنڌ حڪومت کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو ۽ يقين ڏياريو ته ايس بي سي اي جو ادارو سنڌ حڪومت جي ويزن تي مڪمل عمل ڪندو ۽ پنهنجي ڪارڪردگي ۽ سموريون صلاحيتون استعمال ڪندو.










