سڳيون (ن س )سڳيون ۽ ڀرپاسي منشيات جو وڪرو عام ٿي ويو، نوجوان منشيات واپرائڻ سبب فوت ٿي ويو آهي. ملاح پاڙي واسي 30 ورهين جي دين محمد ملاح هيروئن واپرائڻ سبب دم ڏئي ڇڏيو. علائقي واسين جو چوڻ آهي ته شهر ۾ منشيات جو سري عام وڪرو ٿي رهي آهي، جنهن سبب معصوم ٻارڙا توڙي نوجوان منشيات جا عادي ٿي ويا آهن. شهرين جو چوڻ هو ته پوليس توڙي انتظاميا منشيات وڪرو ڪندڙن خلاف ڪا به ڪارروائي نه پئي ڪري. شهرين ايس ايس پي خيرپور سميت اعليٰ اختيارين کان گهر ڪئي ته منشيات جي وڪري تي ضابطو آڻي نوجوان نسل کي تباهي کان بچايو وڃي.










