راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) بلوڇستان جي ضلعي گوادر ۾ سيڪيورٽي فورسز جي گاڏين تي دهشتگردن جي حملي ۾ پاڪ فوج جا 14 اهلڪار شهيد ٿي ويا. آءِ ايس پي آر موجب پسني کان اوماڙا ويندڙ فورسز جي ٻن گاڏين تي لڪي ويٺل دهشتگردن حملو ڪيو ۽ افسوسناڪ واقعي ۾ 14 فوجي جوان شهيد ٿي ويا. آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته علائقي ۾ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي، دهشتگردن کي انصاف کي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. پاڪ فوج جي ترجمان اداري موجب سيڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي، اسان جي بهادر سپاهين جون قربانيون عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون.
