سکر پوليس جو آپريشن، عورتاڻي آواز ۾ اغوا ٿيل بازياب

سکر (ن س )سکر پوليس ڪارروائي دوران 2 مهينا اڳ غوثپور مان اغوا ٿيل مغوي کي بازياب ڪرائي ورتو.سکر جي علائقي باجي ۾ پوليس جو ڌاڙن خلاف آپريشن جاري آهي، جنهن دوران غوثپور مان 2 مهينا اڳ اغوا ٿيل مغوي کي پوليس بازياب ڪرايو.سکر پوليس موجب بازياب ٿيل يرغمالي کي 2 مهينا اڳ عورتاڻي آواز ۾ فون ڪري اغوا ڪيو ويو هو، ڌاڙيل مغوي کي ٻئي هنڌ منتقل ڪري رهيا هئا، جنهن دوران اطلاع تي ڪارروائي ڪئي وئي، جڏهن پوليس پهتي ته جوابدار يرغمالي کي ڇڏي فرار ٿي ويا. ٻئي طرف پوليس جو چوڻ آهي ته حساس ادارن ۽ پوليس شڪارپور جي ڪڇي ڪيٽي واري علائقي ۾ ڪارروائي دوران گهوٽڪي جي رهواسي يرغمالي کي بازياب ڪرايو.پوليس موجب جوابدار کي 11 ڏينهن اڳ گهوٽڪي مان اغوا ڪيو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو