سڄي ملڪ ۾ ٿڌ جي لهر، اسڪردو ۾ مائنس 11 ڊگري رڪارد

سڄي ملڪ ۾ ٿڌ جي لهر، اسڪردو ۾ مائنس 11 ڊگري رڪارد

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)موسميات کاتي موجب اڄ صبح اسلام آباد ۾ گرمي پد 3، لاهور 6، پشاور 7 ۽ ڪراچي ۾ 10 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو. ٻئي طرف ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ ٿڌ اسڪردو ۾ رڪارڊ ڪئي وئي جتي پارو مائنس 11 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي ويو. ان دوران ڪوئيٽا ۽ مالم جبه ۾ پارو منفي 4، زيارت منفي 3، جڏهن ته مري ۾ پارو منفي 1 رڪارڊ ڪيو ويو. ڪراچي ۾ سخت گرمي کانپوءِ آخرڪار ٿڌڪار شروع ٿي ويو آهي ۽ شهرين ڊگهي انتظار کانپوءِ پنهنجا گرم ڪپڙا ڪڍي ڇڏيا آهن. شهر ۾ گرمي پد ۾ ڏينهون ڏينهن گهٽتائي ٿي رهي آهي، جتي رات ۽ صبح جي وقت ٿڌيون هوائون هلي رهيون آهن ۽ رات جي وقت پارو 10 ڊگري تي پهچي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو