سپريم ڪورٽ پاران يونيورسٽي کي معذور ڪوٽا پاليسي ٺاهڻ جو حڪم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ مالاڪنڊ يونيورسٽي کي جسماني طور معذور ماڻهن لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 19 نوڪريون مختص ڪرڻ لاءِ 25 ڊسمبر تائين پاليسي جوڙي ڏيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. رپورٽ مطابق جسٽس سيد منصور علي شاهه جي لکيل فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته هڪ دفعو ٻيهر پاليسي ٺهي وڃي ته پوءِ يونيورسٽي درخواست گذار سجاد علي جي معاملي تي ٻيهر غور ڪري. سپريم ڪورٽ جي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ميرٽ ۽ قابليت جي معيار تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو نه ڪرڻ گهرجي. واضح رهي ته درخواست گذار ساجد علي معذوري جي ڪوٽا نه ملڻ خلاف خيبر پختون خواهه جي چڪدره ۾ واقع يونيورسٽي آف مالاڪنڊ جي شعبي فارميسي ۾ ليڪچرر جي 18هين گريڊ جي عهدي لاءِ درخواست ڏني هئي جنهن کان پوءِ جسٽس سيد منصور علي شاهه ۽ جسٽس يحييٰ آفريدي تي مشتمل ٻه رڪني بينچ 24 آڪٽومبر تي درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. درخواست گذار پنهنجي وڪيل ناصر محمود ذريعي استدعا ڪئي هئي ته ان جي درخواست کي يونيورسٽي انتظاميه ان بنياد تي رد ڪري ڇڏيو آهي ته فارميسي شعبي ۾ صرف هڪ ليڪچرار جي عهدي لاءِ اشتهار ڏنو ويو هو ۽ اهو به ته معذور ماڻهو لاءِ قانون تحت مقرر ڪيل 2 فيصد ڪوٽا به نه ٿو ٿئي. پنهنجي فيصلي ۾ جسٽس سيد منصور شاهه ريمارڪس ڏنا ته عدالت معذور ماڻهن جي روزگار (بحالي) آرڊيننس 1981 جي دفعه 10 ۽ 12 جو جائزو وٺڻ کان پوءِ خيبرپختون خواهه معذور ماڻهن جي روزگار ۽ بحالي ترميمي ايڪٽ 2012 ذريعي ترميم ڪيو ويو. فيصلي مطابق مذڪوره قلم تحت اسٽيبلشمينٽ جي ذريعي ملازمت ڪندڙ ماڻهن جي ڪل تعداد 2 فيصد کان به گهٽ معذور ملازم هوندا. فيصلي مطابق دفعه 10 ۽ 12 جي عملداري کي يقيني بڻائڻ ۽ دفعه 12 تحت ملازمت جي خواهشمند هڪ معذور ماڻهو کي به يقين ڏيارڻو پوندو ته ان جو نالو ان علائقي جي ايمپلائمينٽ ايڪسچينج ۾ رجسٽرڊ آهي. ٻئي طرف يونيورسٽي جي ايڊووڪيٽ رحمان الله جو موقف هيو ته يونيورسٽي جي ملازمن جي ڪل تعداد مطابق معذور ماڻهن لاءِ 2 فيصد ڪوٽا 19 سيٽون ٺهن ٿيون ۽ يونيورسٽي معذور لاءِ ڪوٽا رکڻ تي راضي آهي ۽ درخواست گذار جي معاملي تي نئين پاليسي جي روشني ۾ غور ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو