اسلام آباد (رپورٽ اياز مهر)ججن کي ڌمڪين ۽ مبينه زهريلي مواد وارا خط ملڻ وارو معاملو جاري آهي. جمعي تي لاهور هاءِ ڪورٽ جي هڪ جج ۽ سپريم ڪورٽ جي 5 وڌيڪ ججن کي خط مليا آهن. ذريعن موجب سپريم ڪورٽ جي جسٽس منيب اختر، جسٽس محمد علي مظهر، جسٽس حسن اظهر رضوي، جسٽس عرفان سعادت خان ۽ جسٽس عائشه ملڪ جي نالي تي شڪي خط مليا آهن. واضح رهي ته گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان سميت 5 ججن جي نالن تي پاؤڊر سان ڀريل شڪي خط موڪليا ويا هئا، انهن ججن ۾ جسٽس منصور علي شاهه، جسٽس اطهر من الله، جسٽس جمال مندوخيل ۽ جسٽس امين الدين خان شامل آهن. سپريم ڪورٽ جي 14 مان 10 ججن کي شڪي خط ملي چڪا آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته سپريم ڪورٽ جي عملدارن شڪي خط جاچ لاءِ سي ٽي ڊي اهلڪارن حوالي ڪيا. ياد رهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ، لاهور هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ جي ٻه درجن جن کي هن مهل تائين شڪي خط مليا آهن. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججن الزام لڳايو هو ته انٽيلجنس ايجنسين جي مداخلت وڌي وئي آهي هو مرضي جا فيصلا چاهين ٿا ۽ ججن جي گهرن ۾ مانيٽرنگ لاءِ ڳجهيون ڪيمرائون لڳايون آهن. هڪ جج جي عزيز کي اغوا ڪري هنکي بجلي جا جهٽڪا ڏنا ويا. پوليس موجب ججن کي مليل خطن ۾ زهريلو پائوڊر هجڻ جي تصديق ٿي آهي. جڏهن ته راولپنڊي جي پوسٽ وارن جن دٻن ۾ خط وڌا ويا انهن جي آس پاس سي سي ٽي وي خراب آهن. خطن تي راولپنڊي جي پوسٽ آفيس جا ٺپا لڳل آهن. خط موڪليندڙ طور اڻڄاتل عورت ۽ مردن جا نالا لکيل آهن پر سندن ايڊريس ناهي لکيل. لاهور هاءِ ڪورٽ جي ڪجهه خطن جي ڊليوري ڪوريئر ڪمپني ذريعي ٿي هئي ۽ پوليس ڪوريئر ڪمپني کان جاچ ڪري رهي آهي. وزيراعظم جمعي تي ان بابت اعليٰ سطحي اجلاس گهرايو پر ان جي خبر جاري ناهي ٿي. البته وزيراعظم ججن کي مليل خطن جي مڪمل جاچ ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي. ڪجهه مبصرن جو چوڻ آهي ته عدليا ۽ اسٽيبلشمينٽ ۾ اختلاف تيز ٿي ويا آهن ۽ عيد بعد معاملو فيصلائتي موڙ تي پهچي سگهي ٿو. ياد رهي ته مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ رانا ثنا الله پي ٽي آِ تي خط موڪلڻ جو الزام لڳايو آهي ۽ پي ٽي آءِ وارا حڪومت تي خط موڪلڻ جو الزام لڳائي رهيا آهن.










