حفيظ الله نيازي
آئين ۾ سپريم ڪورٽ ڪنهن ھڪ جج جو نالو ناهي، سمورا جج برابر آهن، چيف جسٽس جون اضافي ذميواريون انتظامي معاملن جي نگراني جون آهن. اڄ سپريم ڪورٽ ۾ انتظامي معاملا تڪرار جو سبب بڻجي ويا آهن. هڪ ڳالهه آئين ۽ قانون جي، ٻي ڳالهه ان تي ٻڌل انصاف آھي .آئين ۽ قانون موجب فيصلا، انصاف جون گهرجون تھ شايد پوريون ٿي وڃن،پر فيصلا درست ٿي سگهن ٿا ؟
”ڪتاب الحڪمت“ جي سورت جو هڪ حصو سپريم ڪورٽ جو رهنما اصول آهي.اي دائود! اسان توکي زمين تي خليفيو بڻايو آھي، تنھنڪري تون ماڻھن ۾ انصاف سان فيصلو ڪر ۽ پنھنجي نفساني خواهشن جي تابعداري نه ڪر، نه ته اھو توکي الله جي واٽ کان ڀُٽڪائي ڇڏيندي، يقين ڪريو ته جيڪي ماڻھو الله جي واٽ کان ڀُٽڪي ويندا آھن،تن لاءِ سخت عذاب آھي.“ ” (38:26)ٻھ رائي نھ آھن، آرٽيڪل 184(3) جي پريڪٽس قرآن جي ان آيت سان ٽڪراءَ ۾ آهي.
سپريم ڪورٽ جي ججن جي ذاتي راءِ، چڙ،ڪاوڙ، ڪڏهن ڪڏهن قانون ۽ آئين کان ٻاهر اھڙا قدم، جن جي وضاحت ۽ تشريح جي ضرورت هوندي آهي، اهي ”درست فيصلن“جي بنيادي گهرج پوري نه ڪري سگهندا آهن.
اڄ کان لڳ ڀڳ اڍائي هزار سال اڳ عظيم يوناني فلسفي ارسطو قانون سازي جا رهنما اصول ڏنا. ”انصاف“ ۽ ”قانون“ کي ”برابري جي قانون“ کي ان سان ڳنڍيو ويو.انصاف جي بنياد جو بنياد آهي، جڏهن ته درست فيصلا دور انديشي، ڏاهپ ۽ زميني حقيقتن کي نظر ۾ رکي ٿين ٿا. جڏهن پاناما ليڪس تي جڏھن نواز شريف کي پڪڙڻ ۽ هٽائڻ جو جواز سامهون آيو ته عمران خان جي آف شور ڪمپني ”نيازي سروسز لميٽيڊ“ به سامھون اچي وئي. ھڪ ئي وقت ساڳيا ئي ٻھ ڪيس، ٻه مختلف معيار اختيار ڪيا ويا. برابري واري انصاف جي قانون جا بخيا اڊيڙجي ويا. هڪ ئي ڪيس ۾ عمران خان ۽ جهانگير ترين لاءِ انصاف جو ٻٽو معيار استعمال ڪيو ويو، نوازشريف کي ميدان تان هٽائڻ لاءِ اھڙا جتن ڪيا ويا جو رھندي دنيا تائين اھو ڪارو داغ اسان جي عدليھ جي پيشانيءَ تي رهڻو آهي ٻئي پاسي عمران خان کي اقتدارجي ڪرسي تي ويھارڻ جي لاءِ قانون جي دائري ۾ رهي وسيع رستا ڳوليا ويا. خدا نھ ڪري پر، جيڪڏهن اڄ ملڪ ڪنهن حادثي جي ويجهو آهي ته انهن ٻنهي ڪيسن جو ان ۾ اھم ڪردار آھي. ٻنهي ڪيسن ۾فيصلا حقيقي انصاف کان گھڻو پري نظر اچن ٿا. ان وقت کان وٺي اڄ تائين، رياست ۽ ادارن ۾ ھڪڙي ڇڪتاڻ ۽ ٽڪراءُ جو ماحول سامھون آيو آهي. تڏھن کان ڪيترائي ساٿي جج ھڪ ڪناري ڪيا ويا،ايستائين جو انھن کي عدالتي نظام مان ڪڍڻ لاءِ بھ وس ڪيا ويا.
قاضي فائز عيسيٰ تھ ذري گھٽ نيڪالي کان بچي ويو، جنهن کي الله رکي تنھن کي ڪير چکي. سپريم ڪورٽ اهو به فيصلو ڪيو آهي ته قاضي فائز عيسيٰ ،عمران خان خلاف ڪيس ۾ شامل نه ٿيندو. عدالتي تباهي جي باهه اڄ اهڙي موڙ تي آهي جو سڄي ملڪ کي ساڙي وجھندي .مريم نواز سچ چيو آهي ته عدالتي نظام ”جوائي لينڊ“ بڻجي ويو آهي. گذريل هفتي جا واقعا اھا تصديق ڪري رهيا آهن. عمران خان جو جٿن جي شڪل ۾ انصاف حاصل ڪرڻ، ھڪ نواڻ متعارف ڪرائي وئي آھي، عدالتي نظام جي اهڙي ٺٺولي ڪڏهن به نه سوچي هئي.
عمران خان پنهنجي خلاف برابر انصاف “ جي راهه ۾ رنڊڪ آهي، ڇو ته سندس چوڻ آهي ته ”هن ڪو به ڏوهه ناهي ڪيو ته پوءِ عدالت کي سندس ڪيس ٻڌڻ جي جرئت ڪيئن ٿي“؟ عمران خان ۽ ان جا پيروڪار ھن وقت جن الزامن هيٺ آھن، جيڪڏھن اھي ئي الزام نوازشريف يا ٻين سياستدان تي ھجن ھا تھ پوءِ عمران خان ۽ سندس ماڻھون ھنڦي ھنڦي ڪھڙا دليل ڏئي رھيا ھجن ھا ؟
ڏوھي عمران خان ناهي، اصل قومي ڏوھاري تھ اھي ئي آھن جن پوليٽيڪل انجنيئرنگ سان ھھڙو هيروگھڙي ٺاهيو. ياد رهي ته عمران خان جو پنهنجو حشر بھ مختلف ناھي ٿيڻو ڇاڪاڻ جو ان جي حشر نشر کان اڳ ھن جا سهولتڪاري، توڻي ادارا جنھن، بي وقاري جي دور مان گذري رھيا آھن،ان ۾ ”مونکي ڏسي عبرت حاصل ڪريو “.صاف نطر اچي رھيو آھي. سڀئي ڏوھن ۾ شريڪ، غلطيون ڳولي ھڪ ٻئي جي مٿان الزام هڻي رهيا آهن. جنرل باجوا پنھنجي طور تي سڀني ڪردارن کي ۽ باقي ڪردار هڪ ٻئي پاڻ ئي ، رستي جي وچ تي اگھاڙو ڪري رهيا آهن.
ڪجهه هفتا اڳ هنن ئي صفحن ۾ لکيو هيم ته ”ادارا اندروني خلفشار ۽ انتشار جو شڪار آھن جيڪو ڪنھن وڏي طوفان جي اڳڪٿي آهي“، اڄ اهو طوفاني اٿي چڪو آهي. ڇا وڏا ادارا اندروني ويڙهه کي منهن ڏئي سگهندا ؟ ڪجهه هفتن اندر سپريم ڪورٽ جي اندر اهڙيون اڻٿيڻون ٿينديون، اھو تھ ڪنھن جي وھم گمان ۾ بھ نھ ھو، قاضي فائز عيسيٰ ريفرنس يا نون ججن جي مقرريءَ جو واقعو چوواٽن تي گندا ڪپڙا ڌوئڻ واري پراڻي ڪهاڻي بڻجي وئي ھئي تھ مٿان وري نيون وارداتون جنم وٺي رھيون آهن،پرويزالاھي کي وڏ وزارت جي منصب تي ويھارڻ جي لاءِ آئين جي غيرآئيني تشريح مان پيدا ٿيل بحران، 90 ڏينھن جي اندر اليڪشن ڪرائڻ تي سوموٽو ۽ ان تي من پسند بينچ ۽ ان بينچ ۾ تڪراري ججن جي موجودگي. سپريم ڪورٽ اندر جھيڙن جھٽن جي خبرن جو زينت بڻيا.بينچ جو فيصلو 5/4 آھي يا 3/2 عدالتي تاريخ جو هڪ مزاحيه پروگرام قومي وندر جو سبب بڻيو.
جڏهن توهين عدالت جي درخواست تي ٻيهر ڪارروائي ٿي تھ ، بينچ تي اعجاز الاحسن جو ٻيهر شامل ٿيڻ شهرت کي داغ لڳائي ويو. جسٽس جمال مندوخيل شو جھٽي ورتو، اعلان ڪيو ته درخواست اڳ ئي 4/3 سان رد ٿي چڪي آهي.سوني تي سھاڳو، اھو تھ قوم باجماعت ان توتاري جو مزو وٺي رهي ھئي تھ قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ بينچ سوموٽو ڪيس کي اڳتي وڌڻ کان روڪي ڇڏيو. فيصلو ڏنو تھ سپريم ڪورٽ سوموٽو جي حدن جو اسميبلي ۾ تعين ٿيڻ تائين پٽيشن تي ڪارروائي کي اڳتي نھ وڌائي . نتيجي ۾ ٽٽل ڦٽل بينچ بھ ٽٽي وئي، قاضي فائز عيسيٰ جي فيصلي جي روشني ۾ جسٽس امين الدين پاڻ کي الڳ ڪري ڇڏيو. اڳتي ڪا بھ پيش رفت تڪرارن کي وڌائيندي.
هر ايندڙ ڏينهن صورتحال کي خراب ڪندو پيو وڃي، ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته عمران خان جي سياست جو باب اسٽيبلشمينٽ ھاڻي بند ڪرڻ ۾ رڌل آهي. عمران خان خلاف هن وقت تائين جيڪا حڪمت عملي جوڙي وئي آهي، ان سان ھن جي مقبوليت آسمان تي پهچي چڪي آهي. منهنجو تجسس، هاڻي بھ تنگ ٿي ويڙھ ڪرڻ، عمران خان کي آخري ڌڪ لڳڻ وارو آهي ته پوءِ اسٽيبلشمينٽ جو ادارو سپريم ڪورٽ کان ڪيتري قدر مختلف رھندو.. عمران خان جي سياست ختم ٿيڻ کانپوءِ ملڪ جي ڪهڙي حالت ٿيندي، اهو ايندڙ وقت ئي ٻڌائيندو.










