سي اي او واٽر جو پاڻي بابت مسئلا حل ڪرڻ جي هدايت

ڪراچي (رپورٽر) سي اي او واٽر ڪارپوريشن انجنيئر سيد صلاح الدين احمد واٽر ڪارپوريشن جي اهم تنصيبات يونيورسٽي ريزروائير جو دورو ڪري معائنو ڪري پاڻي جي فراهمي جو تفصيلي جائزو ورتو.دوري دوران چيف انجنيئرن سي اي او واٽر ڪارپوريشن کي واٽر ٽرنڪ مين ۽ ريزروائير بابت تفصيلي بريفنگ ڏني.سيد صلاح الدين سينٽرل ضلعي ۾ پاڻي جو مسئلو حل ڪرڻ لاءِ چيف انجنيئر ڊبليو ٽي ۽ چيف انجنيئر واٽر کي ھدايتون جاري ڪندي چيو ته پاڻي جي فراهمي کي وڌيڪ بهتر ڪيو وڃي ۽ مسئلا هنگامي بنيادن تي حل ڪيا وڃن.ھن چيو ته شهر کي سمورين بلڪ پمپنگ اسٽيشن تان معمول موجب پاڻي جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي، پاڻي جي منصفاڻي ورڇ لاءِ قدم کنيا وڃن ۽ شڪايتن کي فوري طور حل ڪيو وڃي.فلت ڪندڙ آفيسرن ۽ ملازمن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، شهرين کي سهولتون فراهم ڪرڻ پهرين ترجيح آهي.ان موقعي تي سي او او واٽر ڪارپوريشن انجنيئر اسدالله خان، ظفر پليجو، محمد علي شيخ، انتخاب احمد راجپوت ۽ سيد اعجاز سميت ٻيا اعليٰ عملدار ساڻس گڏ هئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو