ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سي اي او واٽر ڪارپوريشن انجنيئر سيد صلاح الدين احمد پاران ڪورنگي الله والا ٽائون ۾ گتي جي فيڪٽري ۾ باھ جو اطلاع ملڻ تي فوري طور نوٽيس وٺندي واٽر ڪارپوريشن جي لانڍي فيوچر هائيڊرنٽ تي ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي، ترجمان واٽر ڪارپوريشن موجب سي اي او واٽر ڪارپوريشن جي هدايتن تي هائيڊرنٽس سيل پاران حادثي واري هنڌ پاڻي سان ڀريل ڪيترائي ٽينڪرز روانا ڪيا ويا ۽ انچارج هائيڊرنٽس سيل فائر برگيڊ اختيارين سان مڪمل رابطي ۾ رھيو جڏھن تہ فوڪل پرسن هائيڊرنٽس سيل پاڻ آپريشن جي نگراني ڪري رهيو هو، سي اي او واٽر ڪارپوريشن وڌيڪ ھدايتون ڏيندي چيو تہ باھ تي مڪمل ضابطو اچڻ تائين فائر برگيڊ اختيارين کي مفت واٽر ٽينڪرز فراهم ڪيا وڃن تہ جيئن شهرين کي ڪنھن وڏي سانحي کان بچائي سگھجي.
