سي او ڪارپوريشن سان وفد جي ملاقات،سيڙپڪاري جي دعوت

سي او ڪارپوريشن سان وفد جي ملاقات،سيڙپڪاري جي دعوت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)پرتگال قونصليٽ جي ايس جي (SJ) سيڙپڪاري ڪمپني جي اعليٰ سطحي وفد واٽر ڪارپوريشن جي مرڪزي آفيس ڪارساز جو دورو ڪري سي اي او واٽر ڪارپوريشن انجينئر سيد صلاح الدين احمد سان ملاقات ڪئي وفد ۾ سويني الائن فرنينڊس دي اوليويرا، مينوئل انتونيو دا ڪنها بيليم دي سوس، ڊياگو ڊي سلوا فالڪو، جوز پاولو مارڪيز لوپس دي اوليويرا، محمد سھيل ۽ ذيشان ضياء شامل ھئا ملاقات دوران چيف انجنيئر اي اينڊ ايم سيوريج سيد سردار شاھ ۽ چيف انجنيئر واٽر محمد علي شيخ پڻ موجود هئا ان موقعي تي سي اي او واٽر ڪارپوريشن وفد کي واٽر ڪارپوريشن جي سمورن منصوبن بابت آگاهي ڏيندي نئين انتظاميا پاران ڪيل تازين قدمن ۽ سڌارن تي روشني وڌي جن کي عالمي سطح تي پڻ تسليم ڪيو ويو آهي ان کان علاوه وفد کي واٽر ڪارپوريشن جي پائيدار ترقي جا مقصد (SDGs) جي روڊ ميپ مان SGDs گول 6 ۾ هدف حاصل ڪرڻ بابت آگاھ پڻ ڪيو ۽ وفد کي واٽر ڪارپوريشن ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جي دعوت ڏني ملاقات دوران وفد واٽر ڪارپوريشن جي امڪاني ويسٽ واٽر سولر انرجي ۽ ونڊ پلانٽ انرجي سميت ٻين منصوبن ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪندي انهن ۾ سيڙپڪاري لاءِ تعاون ۽ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ان موقعي تي وفد يقين ڏياريندي چيو تہ پرتگال جون مختلف سيڙپڪاري ڪمپنيون واٽر ڪارپوريشن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي لاء تيار آهن وفد واٽر ڪارپوريشن جي مختصر وچولي ۽ ڊگهي مدي واري ويزن ۽ ان جي جامع ۽ گھڻن شعبن واري پائيدار ترقي جي گول روڊ ميپ کي پڻ ساراهيو ۽ وفد ان ڳالھ تي پر اميد هو تہ واٽر فلٽريشن پلانٽس جو قيام قابل تجديد توانائي موثر انفراسٽرڪچر ويسٽ واٽر ٽريٽمينٽ پلانٽس ۽ ريسائڪلنگ جھڙا واٽر ڪارپوريشن جا منصوبا قابل تعریف آھن ترجمان واٽر ڪارپوريشن موجب منصوبن تي اڳڀرائي لاءِ فزيبلٽي ۽ مفاهمت جي ياداشت نامي تي صحيحن جو اعلان جلد ڪيو ويندو واضح رهي تہ ڪراچي جي رڪارڊ ٿيل تاريخ ۾ اهو پهريون ڀيرو هو جو سيڙپڪاري جي مقصدن لاءِ پرتگال جي ڪمپني ڪنھن واٽر يوٽيلٽي اداري سان رابطو ڪيو آھي جيڪو واٽر ڪارپوريشن لاءِ هڪ وڏو اعزاز آهي مشاهدي ۾ آيو آھي تہ جڏهن کان ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ کي ڪارپوريشن ۾ تبديل ڪيو ويو آهي تڏهن کان واٽر ڪارپوريشن جي نئين انتظاميا ۽ بورڊ آف ڊائريڪٽرز تي اعتماد بحال ٿيو آهي جتي عالمي مالياتي ادارن ۽ پرڏيهي سفارتڪارن ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن جو دورو ڪري تازين تبديلين جو اعتراف ڪيو آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو