سعودي پاران پاڪستان ۾ 5 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري جو اعلان

مڪه (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب ابتدائي طور پاڪستان م پنج ارب ڊالر جي سيڙپڪاري لاءِ راضپو ظاهر ڪيو آهي. اهڙو اعلان ٻنهي ملڪن جي ليڊرشپ ۾ آچر تي ٿيل ملاقات کانپوءِ سومر تي جاري ڪيل گڏيل بيان ۾ ڪيو آهي. وزير اعظم شهباز شريف سعودي ولي عهد محمد بن سلمان بن عبدالعزيز آل سعود سان خصوصي افطار ڊنر تي ملاقات ڪئي هئي. خاص افطار ڊنر ۾ بحرين جي وزيراعظم ۽ ولي عهد سلمان بن حمد بن عيسيٰ الخليفه به شرڪت ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف حرم شريف جي خادم شاهه سلمان بن عبدالعزيز جي صحتيابي لاءِ دعا ۽ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو. هن سعودي اختيارين طرفان سندس ۽ سندس وفد جي گرمجوشي سان استقبال ڪرڻ تي شڪريو ادا ڪيو. ولي عهد محمد بن سلمان ۽ شهباز شريف ڊگهي برادرانه لاڳاپن جي اڳتي وڌڻ جي رفتار کي ساراهيو ۽ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. افطار کانپوءِ ٻه طرفي ملاقات به ٿي جنهن کانپوءِ ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ون آن ون ملاقات ٿي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب ملاقات بعد وزيراعظم ۽ سندس ڪابينا جي ميمبرن عمرو ادا ڪيو. پاڪستاني وفد ۾ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، بچاءَ وارو وزير خواجه محمد آصف، اطلاعات وارو وزير عطاءُ الله تارڙ، ناڻي وارو وزير محمد اورنگزيب ۽ پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز به شامل هئا. ياد رهي ته نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سعودي ولي عهد سان ملاقات بعد 25 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري جي دعوا ڪئي هئي. جڏهن ته عمران خان جي دور ۾ سعودي شهزادي 18 ارٻ ڊالر جو اعلان ڪيو هو. تازو سعودي شهزادي جي ڀارت ۾ 300 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري جون خبرون به سامهون آيون هيون.

پهنجو تبصرو موڪليو