سيوهڻ: (ن س) انڊس هاءِ وي روڊ تي لڪي شاهه صدر ويجهو مسافر ڪار اونڌي ٿي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 7 ماڻهو زخمي ٿي پيا.پوليس موجب حادثي ۾ زخمي ٿيل ڪار ۾ موجود ست ماڻهن کي سيوهڻ اسپتال منتقل ڪيو ويو، زخمين ۾ ٻه ٻار، چار عورتون ۽ هڪ مرد شامل آهي.زخمين مان ٽن جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي. حادثو تيز رفتاري سبب پيش آيو. مسافر ڪار لاڙڪاڻي کان ڪراچي وڃي رهي هئي.










