سينيٽ چونڊ ،اسلام آباد مان اسحاق ڊار ۽ راڻا محمود ڪامياب

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد جي سينيٽ لاءِ ٽيڪنوڪريٽ ۽ جنرل سيٽن تي حڪومتي اتحاد جا اميدوار پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ راڻا محمود ڪامياب ٿي ويا. اسلام آباد جي جنرل ۽ ٽيڪنوڪريٽ سيٽ تي ٻن ٻن اميدوارن ۾ مقابلو هو، ٽيڪنوڪريٽ جي سيٽ تي اسحاق ڊار جو مقابلو سني اتحاد ڪائونسل جي اميدوار راجا انصر محمود، جڏهن ته جنرل سيٽ تي حڪومتي اتحاد جي راڻا محمود الحسن جو مقابلو سني اتحاد ڪائونسل جي فرزند علي شاهه سان هو. حڪومتي اتحاد جو اميدوار اسحاق ڊار ٽيڪنوڪريٽ ۽ راڻا محمود الحسن جنرل سيٽ تي ڪامياب ٿي ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو