سينيٽ قرارداد جي اڳيان پٺيان ڪير به هجي چونڊون 8 تي ٿينديون

لاهور (م ڊ) مسلم ليگ (ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته سينيٽ جي ٺهراءَ جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ چونڊ شيڊول تي عمل ڪيو ويندو جڏهن ته ٻيون پارٽيون روئي يا رڙيون ڪن، چونڊون 8 فيبروري تي ٿينديون.لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم اورنگزيب چيو ته ڪالهه سينيٽ ۾ پاس ڪيل قرارداد جي رڳو (ن) ليگ مخالفت ڪئي، پي ٽي آءِ سينيٽ ۾ قرارداد جي حمايت ڪئي.پي ٽي آءِ وارا پهريان سازش تحت لاهور هاءِ ڪورٽ ويا ۽ پوءِ سينيٽ جي ٺهراءُ جي حمايت ڪئي، اهي ماڻهو اندر ئي خاموش رهيا ۽ ٻاهر دهل وڄائين،هن چيو ته پاڪستان جو عوام اهڙن ماڻهن کي ووٽ نه ڏيندو، جيلن ۾ ويهي ڌمڪيون ڏيڻ بند ڪريو، پاڪستان جو عوام اليڪشن چاهي ٿو.هي ملڪ هاڻي 28 مئي وارن جي حوالي ٿيڻ وارو آهي، 9 مئي وارن تي آرٽيڪل 6 لاڳو ڪيو وڃي، هنن چيو ته 9 مئي تي سڄي ملڪ کي ساڙي ڇڏينداسين، هنن کي اها آزادي تڏهن ملي جڏهن 9 مئي جي دهشتگرد کي گڊ ٽو سي ڪيو ويو، اهي ماڻهو سڃاتا وڃن،مريم اورنگزيب چيو ته مسلم ليگ (ن) چونڊن لاءِ مڪمل تيار آهي، اليڪشن ڪميشن جي هدايتن تي (ن) ليگ کي 8 فيبروري تي فيصلو ڪرڻو آهي، فيصلو پاڪستان جي عوام کي ڪرڻو آهي. هن وڌيڪ چيو ته سينيٽ جي ٺهراءَ جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ چونڊ شيڊول تي عمل ڪيو ويندو، ٻيون پارٽيون روئي يا رڙيون ڪن، چونڊون 8 فيبروري تي ٿينديون، ايندڙ هفتي مسلم ليگ ن جي اجلاسن جو شيڊول طئي ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو