سينيٽ جي چونڊ، سنڌ ۾ پي پي 10 سيٽون کٽي ميدان ماري ورتو

اسلام آباد: (رپورٽ اياز مهر) سينيٽ جي 48 سيٽن مان 18 تي بنا مقابلي مختلف پارٽين جا اميدوار ڪامياب ٿي چڪا آهن ۽ اڱاري تي سينيٽ جي 19 سيٽن لاءِ قومي اسمبلي ۽ ڪي پي ڪي کانسواءِ ٽنهي صوبائي اسمبلين ۾ چونڊ ٿي. ڪي پي ڪي ۾ مخصوص سيٽن تي ڪامياب قرار ڏنل ايم پي ايز کي حلف کڻڻ نه ڏنو ويو جنهن سبب سينيٽ جي 11 سيٽن تي چونڊ ملتوي ڪئي وئي. اسلام آباد جي ٻن سيٽن مان هڪ تي نون ليگ جو اسحاق ڊار ۽ پيپلز پارٽي جو رانا محمود الحسن ڪامياب ٿي ويا آهن. سينيٽ جي چونڊ ۾ سنڌ ۾ پي پي ميدان ماري ورتو۽ 12 مان 10 سيٽون کٽي ورتيون آهن. سنڌ مان اقليتن جي سيٽ تي پي پي جو پونجو ڀيل، عورتن جي ٻن سيٽن تي پي پي جون عيني مري ۽ روبينا قائمخاني، ٽيڪنو ڪريٽ جي ٻن سيٽن تي ضمير گهمرو ۽ سرمد علي، جنرل جي 7 سيٽن تي آزاد اميدوار فيصل واوڊا، ايم ڪيو ايم جو عامر چشتي، پي پي جا نديم ڀٽو، ڪاظم شاهه، اشرف جتوئي، دوست علي جيسر ۽ مسرور احمد ڪامياب ٿي ويا. چونڊن جي لاءِ پولنگ جو عمل شام 4 وڳي تائين جاري رهيو، جنهن بعد ڳڻڦ ٿي ۽ نتيجي جو اعلان ڪيو ويو. پنجاب مان ناڻي وارو وزير محمد اورنگزيب ۽ مصدق ملڪ ڪامياب ٿي ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو