اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نگران گهرو وزير سرفراز بگٽي اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي گرفتاري تي ڏنل بيان جي وضاحت ڪري ڇڏي.سرفراز بگٽي طرفان جاري ڪيل وضاحتي بيان ۾ چيو ويو آهي ته بيان کي سياسي رنگ ڏنو ويو، نگران حڪومت جو ڪوبه سياسي ايجنڊا ناهي، خوشي آهي ته نواز شريف پاڪستان جي سياست ۾ واپس اچڻ چاهي ٿو.هن چيو ته پاڪستان جي عوام جو وڏو حصو نواز شريف جي استقبال جي تيارين ۾ مصروف آهي ۽ نواز شريف جي وطن واپسي تي قانون موجب ورتاءُ ڪيو ويندو.نگران گهرو وزير چيو ته افواهن ۽ مفروضن مان ٻاهر نڪرڻ کانپوءِ حقيقت جي آئيني ۾ مسئلن کي ڏسڻو پوندو، نگران حڪومت پنهنجي مينڊيٽ موجب ڪم ڪندي.










