سياسي اختلاف وساري دهشتگردي خلاف هڪ ٿيڻ گهرجي

سياسي اختلاف وساري دهشتگردي خلاف هڪ ٿيڻ گهرجي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته دهشتگردي خلاف سياسي اختلاف وساري گڏ ٿيڻ جي ضرورت آهي. اسلام آباد حملي بابت سوال جي جواب ۾ خواجه آصف چيو ته ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڪٿي نه ڪٿي سيڪيورٽي بريچ ٿيندي آهي، اسان کي سيڪيورٽي وڌيڪ سخت ڪرڻ جي ضرورت آهي. بچاءَ واري وزير جو چوڻ هو ته دهشتگرد حملي ۾ شهيد ۽ زخمي ٿيندڙن جي پونئرن لاءِ حڪومت امدادي پيڪيج جو اعلان ڪندي. خواجه آصف وڌيڪ چيو ته اسان جي فوج، پوليس ۽ قوم دهشتگردن خلاف بهادري سان وڙهي رهي آهي، پَڪ آهي ته اسان دهشتگردن کي شڪست ڏينداسين ۽ سمورين ڏکيائين تي ضرور ضابطو آڻينداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو