اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ۽ سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي وچ ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ٿي. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير ملڪ ۾ صاف، شفاف ۽ آزاد چونڊن جي انعقاد کي يقيني بڻائڻ لاءِ نگران حڪومت جي غير متزلزل عزم کي ورجايو. ملاقات ۾ کليل ڳالهين جي اهميت تي زور ۽ شفاف گورننس ۽ جمهوري عملن ۾ معلومات تائين رسائي کي آسان بڻائڻ تي زور ڏنو ويو. نگران حڪومت آئين جي پيداوار آهي، اسان آئين ۽ قانون تي عملدرآمد جا پابند آهيون ميڊيا جو بنيادي مقصد عوام تائين صحيح معلومات پهچائڻ آهي ذميوار صحافت وقت جي ضرورت آهي، غير جانبدار ۽ ذميوار صحافت سان ئي سماج صحيح رخ وٺي سگهي ٿو. سينيٽ چيئرمين جمهوريت جي بنيادي قدرن کي برقرار رکڻ لاءِ متحرڪ ۽ غير جانبدار ميڊيا جي اهميت کي اجاگر ڪيو.ميڊيا شهرين کي صحيح، بروقت ۽ غيرجانبدار معلومات فراهم ڪندي انهن بنيادي قدرن جي محافظ طور ڪم ڪري ٿي.
