اسلام آباد (بيورو رپورٽ)گئس ڪنيڪشن کلندي ئي ڪجهه ڏينهن ۾ 400,000 درخواستون ملي ويون سوئي ناردرن گئس ڪمپني جي ذريعن موجب، مختلف علائقن ۾ سروي لاءِ عملي جي کوٽ هئي، ڇاڪاڻ ته ايتري وڏي تعداد ۾ درخواستون مليون آهن، ۽ ڪنيڪشن فراهم ڪرڻ ۾ وقت لڳندو.آفيسرن چيو ته اڃا تائين اهو فيصلو نه ڪيو ويو آهي ته نوان ڪنيڪشن ڪڏهن لڳايا ويندا، پهرين مرحلي ۾، صرف درخواستن تي سروي ڪئي ويندي.آفيسرن موجب، پهرين اچو، پهرين خدمت جي پاليسي تي عمل ڪيو ويندو، ۽ سسٽم مڪمل طور تي ڪمپيوٽرائيزڊ آهي،آفيسرن اهو به چيو ته اڃا تائين اهو فيصلو نه ڪيو ويو آهي ته جون 2026 تائين ڪيترا ڪنيڪشن فراهم ڪيا ويندا.










