حسن ناز سومرو
سنڌ ۾ چوڻي مشهور آهي ته نياڻي ستن قرآنن جي برابر هوندي آهي ۽ نياڻي کي جيڪڏهن خون بخشرائڻ لاءِ ڪنهن جي گھر موڪليو ويندو آهي ته متاثر ڌريون خون به معاف ڪري ڇڏينديون آهن ۽ اڄ وري انهيءَ سنڌ ۾ نياڻين کي ڀنگ جي لاءِ اغواءَ ڪيو پيو وڃي جيڪا ڳالھ نه فقط حيران ڪندڙ آهي پر سنڌي ماڻهن جي منهن تي هڪ کليل چماٽ جيان آهي سو گذريل ٽن مهينن کان جهڙي طريقي سان دعا منگي کي اغواءَ ڪيو ويو هو ۽ اغواءَ ڪندڙ وارثن کان ڀنگ گھري رهيا هجن پر پوءِ به پوليس کي خبر نه هجي اها هڪ حيران ڪندڙ ڳالھ آهي.
سنڌ ۾ اها به چوڻي مشهور آهي ته سنڌ اندر ان وقت تائين ڪابه واردات نه ٿيندي آهي جيسيتائين ان ۾ پوليس يا ڪو چڱو مڙس شامل نه هجي سو دعا منگي جو ڪيس به اهڙي قسم جي هڪ ڪڙي سان ملي ٿو پر پوليس پنهنجي انهيءَ پراڻي روايت واري ڳالھ تي اڄ به قائم آهي ته اسان کي خبر نه آهي…..!! دعا منگي ڪيئن اغواءَ ٿي ان جي پوليس کي خبر نه آهي پر وري دعا منگي ڀنگ ڀري گھر واپس موٽي آئي آهي سو ڪيئن گھر موٽي ان جي به خبرپوليس کي نه آهي پر پوليس کي اها خبر ضرور آهي سندس علائقي ۾ ڪهڙا ڪهڙا ڏوهاري رهن ٿا ۽ ڪهڙا ماڻهو پوليس کي منٿليون پهچائن ٿا…..؟؟ سندن علائقي ۾ ڪيترا فحاشي جا اڏا هلن ٿا، پوليس جي حد ۾ ڪهڙا ڪهڙا چڱا مڙس آهن ۽ ڪهڙا ڪهڙا ڏوهارين جا ساٿاري آهن سو هر ضلعي ۾ مقررٿيل آفيسرز وٽ مڪمل فهرست هوندي آهي پر جنهن ڏينهن کان دعا منگي کي اغواءَ ڪيو ويو هو ان ڏينهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين پوليس کي ڪابه خبر نه آهي آخر سنڌ ۾ هي ڇا ٿي رهيو آهي…….؟؟
سنڌ ڌرتي جنهن کي ولين، بزرگن ۽ درويشن جي سر زمين سڏيو ويندو آهي پر اڄ سنڌ ۾ جيڪي ڪجھ سنڌ جي نياڻين سان ٿي رهيو آهي ان تي سوچڻ جي سخت ضرورت آهي.
سنڌ ڌرتي جتي وقت بوقت ڏوه ضرور ٿيندا رهندا هئا پر انهن ڏوهارين جا ڪجھ اصول هوندا هئا جڏهن ڪنهن بس يا ڪوچ ۾ ڦورو چڙهندا هئا ته اهي ڦورو عورتن ڏانهن ڏسندا به نه هئا ۽ عورتن سان گڏ مردن کي به نه ڦريندا هئا، ان کان علاوه ڌاڙيل جڏهن ماڻهن کي اغواءَ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا هئا ۽ ان وچ ۾ جيڪڏهن ڪا عورت اچي ويندي هئي ته اهي ڌاڙيل يا ڏوهاري ماڻهو اها واردات به نه ڪندا پر اڄ دعا منگي جو اغواءَ ان ڳالھ جو چٽو ثبوت آهي، يا ته سنڌ مان غيرت ڇڏائي ويئي آهي يا بي غيرت ماڻهو سنڌ ۾ اچي ويا آهن جنهن جي ڪري سنڌ جي مان ۽ شان کي ڇيهو رسايو ويو آهي.
سنڌ ۾ بد امني جي انتها ٿي چڪي آهي جتي عوام جون ننڊون ڦٽي چڪيون آهن پر پوءِ به پوليس کي خبر نه آهي ته پوءِ آخر پوليس کي مقرر ڪرڻ جو مقصد ڪهڙو آهي آخر سنڌ جي بجيٽ پوليس مٿان خرچ ڇو ڪئي پيئي وڃي جڏهن ته پوليس کي پنهنجي فرضن جي خبر به ڪونه آهي.
سنڌ پوليس جا کوڙ سارا اهڙا واقعا ۽ ڪارستانيون موجود آهن جنهن لاءِ پوليس کي سرڪاري ڌاڙيل به سڏيو ويندو آهي ۽ اها هڪ حقيقت آهي سو ان باري ۾ گھڻو ڪجھ ڪرڻ جي ضرورت آهي………!! اها به هڪ حقيقت آهي ته سنڌ ۾ ٿيندڙ هر ڏوه ۾ تر جا چڱا مڙس ضرور شامل هوندا آهن سو هڪ همراه کان پڇيو ويو ته يار رات تنهنجي چوري ٿي ويئي ۽ تون خاموش رهين جنهن تي ان همراه وراڻيو ته ادا چورن جي اهڙي ڪهڙي مجال جو هو منهنجي چوري ڪن اصل ۾ منهنجي گھر جا ڪتا ڀاڙيا هئا پر جي ڪتا ڀاڙيا نه هجن ۽ چورن تي ڀونڪن ها ته آءُ به جاڳي پوان ها پر ڇا ڪريان……….!! سو سائين سنڌ ۾ به اهڙي قسم جو رواج آهي اڄ ڪلھ جهڙي طريقي سان لوڙها پوک کي کائن ۽ پوليس عوام کي لٽي رهي آهي ۽ پوليس متاثرن بدران ڏوهارين جو ساٿ ڏيندي آهي ته متاثر ماڻهو الله جي آسري تي انصاف گھرندو رهندو آهي جيڪو هتي ملڻ ناممڪن آهي.
ڪراچي مان دعا منگي جي اغواءَ جي واردات ۾ به ڪيترائي وڏا هٿ ملوث آهن ڇاڪاڻ ته دعا منگي جي بازيابي لاءِ ڪيترائي واٽس ايپ ميسيج به آيا آهن ۽ اڄ اسان وٽ جديد ٽيڪنالوجي به موجود آهي سو نمبر کي ٽريس ڪرڻ ڪابه وڏي ڳالھ نه آهي پوءِ اهو نمبر کڻي ٻاهرين ملڪن جو ڇونه هجي پر اها تڪليف ڪير ڪري……؟؟ جيڪڏهن دعا منگي جي بازيابي لاءِ ٻاهرين ملڪن مان به ميسيج آيا هجن پر ڀنگ جا پئسا وٺڻ وارا ته هتان ئي آيا هوندا يا اهي پئسا به ٻاهرين ملڪ موڪليا ويا آهن پر افسوس جو پوليس جي خاموشي گھڻين ڳالهين کي هوا ڏيئي رهي آهي سو ان باري ۾ سنڌ سرڪار کي گھڻو ڪجھ ڪرڻ جي ضرورت آهي جي نه ته ٻئي صورت ۾ سڀاڻي ڪابه سنڌ جي نياڻي محفوظ رهي نه سگھندي.