سنڌ ۾ موبائل فون سروس معطل، ڪراچي ۾ رات کان بند

سنڌ ۾ موبائل فون سروس معطل، ڪراچي ۾ رات کان بند

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ حڪومت اڄ شهيد ڪربلا جي چہلم تي ڪراچي، حيدرآباد، لاڙڪاڻو، سکر ۽ خيرپور سميت وڏن شهرن ۾ موبائيل فون سروس بند رکڻ جو اعلان ڪيو آهي.سنڌ کانسواءِ سڄي ملڪ جي حساس علائقن ۾ به موبائل فون سروس بند رهڻ جو امڪان آهي.چہلم جي موقعي تي امن امان جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آهن ۽ جلوسن جي فضائي نگراني پڻ ڪئي ويندي.ٻئي طرف ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ رات کان ئي موبائل فون سروس بند ٿي وئي آهي.شهر ۾ نارٿ ڪراچي، نيو ڪراچي، ناظم آباد، لياقت آباد، ٽين هٽي، پي آءِ بي، ايم اي جناح روڊ، صدر، لائنز ايريا، ملير ۽ ٻين علائقن ۾ رات کان موبائل سروس معطل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو