ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي خميس 4 اپريل تي صوبي ۾ عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو. سنڌ حڪومت خميس 4 اپريل تي صوبي ۾ عام موڪل جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. ان کانسواءِ سنڌ حڪومت ايسٽر جي مناسبت سان سومر پهرين اپريل تي عيسائي سرڪاري ملازمن لاءِ به موڪل جو اعلان ڪيو آهي.
![](https://www.dailysindhyar.com/wp-content/uploads/2021/09/Sindh-Govt-Logo-New.jpg)