سنڌ ۾ زمينون بنجر بڻجڻ جو خدشو

تحريرعبدالمجيد بروھي 

سنڌ ۾ ھن وقت اڪثر واھن ۽ شاخن ۾ پاڻي بدران واري اڏامي رھي آھي پاڪستان جا پاڻي گڏ ڪرڻ لاء ٺاھيل ڊيمن ۾ پاڻي جي مقدار ۾ واڌارو ٿي رھيو آھي ارسا وارا ان بابت اعتراف پڻ ڪري چڪا آھن پر وزيراعظم صاحب پنھنجي ھڪ تقرير ۾ اھو چيو آھي تـ اڳتي ھلي پاڻي جو وڏو بحران پيدا ٿي سگھي ۽ صوبا ھن وقت ئي پاڻي چوري بابت شڪايت ڪري رھيا آھن وزيراعظم جي اعتراف باوجود ڪالھ ڪجھ وفاقي وزير جن جو تعلق پڻ سنڌ سان آھي انھن اچي پنھنجي ڪرسي پڪي ڪرڻ جي لاء چيو تـ سنڌ ۾ پاڻي وڌيڪ آھي کوٽ جون ڳالھيون ڪوڙ تي ٻڌل آھن سنڌ حڪومت وفاق کي بدنام ڪري۔  رھي آھي آء انھن وفاقي وزيرن کي چوندس خاص ڪري محمد ميان سومرو جيڪو پڻ ھڪ آبادگار ۽ جاگيردار آھن ۽ اتر سنڌ سان سندس تعلق آھي سائينجن جي ضلعي جيڪب آباد ۾ جون مھيني ۾ سارين جو رونبو شروع ٿي ويندو آھي ھاري آبادگار مئي مھيني ۾ سارين جو ٻيڄارو پوکي مئي جي آخري ھفتي کان سارين جو رونبو پڻ شروع ڪندا پر ڇا ھن وقت ڏھ جون تائين بـ سندس ضلعي ۾ سارين جو ٻيڄارو انجي ھارين پوکيو آھي يا ڪٿي ڪنھن ھن جي ھاري سارين جو رونبو بـ شروع ڪيو آھي ڇا سندس علائقي جي شاخن ڪئنالن ۾ پاڻي ايترو آيل آھي جو ھاري ٻيڄارو بـ پوکي سگھن ڇنڊي ھنڻ جيترو بـ پاڻي سندس جي واھن ۾ آيل آھي بس اچي عمران نيازي جي خوشوندي حاصل ڪرڻ جي لاء پنھنجي ئي سنڌ ڌرتي جي ھارين ۽ آبادگارن سان ظلم ڪري پنھنجي ڪرسي بچائي رھيا آھيو ھن وقت ھاري آبادگار سخت ٻڏتر جو شڪار آھن پاڪستان جي وھڪرن ڊيمن ۾ پاڻي جي واڌاري باوجود سنڌ کي ھن وقت بـ پنجاھ سيڪڙو سندس حصي کان گھٽ پاڻي مھيا ڪيو پيوـوڃي ان جي ڪري ئي ھن وقت پوري سنڌـ۾ ھاري آبادگار مونجھاري جو شڪار آھن ۽ سخت پريشانين ۾ ورتل آھن ڇو تـ ھن وقت تائين اھي سارين جو ٻيڄارو بـ پوکي ناھن سگھيا ان حصاب سان ڏسجي تـ ھن سان ايري ڇھ سارين جو فصل اپائيندڙ ھاري آبادگار ھن سال اريري ڇھ جو رونبو نـ ڪري سگھندا ڇو تـ ھن مھيني ۾ ئي ايري ڇھ جي پوکائي لاء موزون مند آھي جون بعد ايري ڇھ پوک اپت ناھي ڏيندي ان جي لاء لکين ايڪڙ اھا زرعي زمين ھن سال بنجر بڻجي سگھي ٿي جنھن تي ايري ڇھ جي پوکائي ڪئي ويندي ھئي ان سان گڏ ھاء برڊ سارين جو رونبو ڪندڙ ھاري آبادگار پڻ ھن وقت ٻڏتر جو شڪار آھن جيڪڏنھن ھن مھيني ۾ اھي سارين جو ٻيڄارو پوکيـنـ سگھيا تـ پوء شايد ھاء برڊ جي مند بـ ختم ٿي ويندي ان جي ڪري ئي ھن وقت سنڌ حڪومت وفاق آڏو سخت احتجاج ڪيو آھي پيپلز پارٽي پاران سنڌ جي ھر ننڍي وڏي شھر ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاج جاري آھن پر تنھن باوجود ارسا پاران سنڌ کي پنجاھ کان سٺ سيڪڙو گھٽ پاڻي ڏنو پيو وڃي جڏنھن تـ پنجاب پاران بندش پيل تونسا پنجند ڪئنال ۽ چشما جھلم ڪئنال ذريعي سنڌو جو پاڻي چوري ڪري رھيو آھي ھن وقت پوري سنڌ ۾ سنڌ واسي پنھنجن حقن سنڌ سان ويساھ گھاتين خلاف ھڪ آواز ٿي اٿاري رھيا آھن جھڙي طريقي سان سنڌ جي زمينن تي والار ڪري بحريا ٽائون سنڌ جي زمين  تي قبضا ڪري ڳوٺ مسمار ڪري بحريا ٽائون وڌائي رھيا ھيا انـخلاف جھڙي طريقي سان سنڌ جو شعور جاڳيو آھي ۽ جيڪو عوامي سمنڊ بحريا ٽائون آڏو گڏ ٿي بحريا ٽائون کي رد ڪيو آھي ان جي ڪري سنڌ جي شعور کي سلام پيش ڪريان ٿو صرف ڪجھ نعرن تي اعتراض آھي جن سان جيالن جي دل آزاري ٿي آھي سنڌ گورنمينٽ کي پڻ ھن صورتحال ۾ سنڌ واسين مٿان ڪيس داخل نـ ڪرڻ گھرجن ھا ھي پنھنجي ڌرتي جا خير خواھ آھي ھي دھشتگرد نـ آھن ھنن ٻارڻھن جھڙو ظلم ناھي ڪيو ھنن آڍا٣ي سئو کان مٿي مزدور جيئري فيڪٽري ساڙي ناھن ماريا ھنن ڪڏنھن بيگناھن کي ماري سندن لاش ٻوري م بند ڪري سمنڊ ۾ ناھن اڇلايا ھي لساني فساد ڪرڻ وارن مان ناھن ھي سڀ  سنڌ ڃاوا سنڌ جا مالڪ آھن ھنن تي ڪيس داخل ڪرڻ بجاء اھي شرپسند ڳولھيو جن سنڌ واسين کي بندنام ڪرڻ لاء باھ ۽ ٽوڙ ڦوڙ وارو ڊرامو ڪيو آھي انھن کي ڳولھي عبرتناڪ سزا ڏيو باقي سنڌ جا جيالا پڻ بحريا ٽائون خلاف آھن جنھن ٻڌي ۽ ايڪي جو ثبوت سنڌـواسين بحريا خلاف ڏنو آھي ان ساڳي طريقي سان سنڌ واسي سنڌوء جي پاڻي تي ڌاڙي خلاف گڏ ٿي ڪري گڏيل آواز بلند ڪن تـ مان سمجھان ٿو دنيا جي ڪابـ طاقت سنڌ جي پاڻي کي چوري ڪرڻ جي جرئت نـ ڪري سگھندي باقي ھي پنجاب جيڪو ڪجھ ارسا ۽ وفاق جي ڏاڍ تي ڪري پيو ان کي سنڌـواسي ساڳي جوش جذبي سان روڪي سگھن ٿا جيڪو جوش جذبو انھن بحريا خلاف ڏيکاريو آھي سنڌ ھڪ زرعي صوبو آھي ھتان جي عوام جو 90 سيڪڙو گذر سفر زراعت  تي آھي جيڪڏنھن انھن کي پاڻي وقت تي نـ مليو تـ اسان جي صوبي ۾ ھڪ وڏو بحران ايندو ۽ بيروزگاري ۾ اضافو ٿيندو سنڌ واسي فاڪن جو شڪار ٿيندا انجي ڪري سڀ گڏجي پاڻي چوري خلاف آواز اٿاري سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙي کي روڪڻ لاء پنھنجو ڪردار ادا ڪن 

پهنجو تبصرو موڪليو