برساتن سبب صورتحال خراب آھي،عوام جي واهر نه پئي ٿئي

برساتن سبب صورتحال خراب آھي،عوام جي واهر نه پئي ٿئي

سکر( ن س) جيئي سنڌ قومي محاذ (جسقم)چيئرمين صنعان قريشي سکر پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي ته سنڌ ۾ جاري برساتن سبب صورتحال خراب آھي ٺٽو۔سجاول۔بدين۔ٽنڊو محمد خان۔سانگهڙ سميت سنڌ جي ساحلي پٽي ۾ برساتن تباهي ڪري ڇڏي آھي جڏهن ته سرڪاري ڪامورا ماروئڙن کي رليف ڏيڻ بجاء فوٽو سيشن ڪري فنڊ ھڙپ ڪري رهيا آھن۔برساتي متاثرن جي واهر ڪرڻ بجاء انهن علائقن جا سياستدان مالڪي نه پيا ڪن ووٽ وٺڻ وقت ته در در ويندا آھن پر هن ڏکي وقت ۾ جڏهن ووٽر مصيبت ۾ آھن ته اهي نظر نه پيا اچن ۔صنعان قريشي وڌيڪ چيو ته منشيات خلاف آواز اٿارڻ تي پوليس ڪوڙا ڪيس داخل ڪري قومي ڪارنن کي هيسائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي پوليس عوام کي تحفظ ڏيڻ بجاء ايذائي ٿي اسان جي ايم سيد جا پيروڪار آھيون پر امن عدم تشدد واري شھيد بشير قريشي جي ڏسيل واٽ تي هلون پيا۔شھيد جان محمد مهر جا قاتل هڪ سال گزرڻ باوجود آزاد آھن ۽ پريا ڪماري کي ٽي سال گزرڻ باوجود بازياب ناهي ڪرايو پر پوليس صرف قومي ڪارڪنن لاء رڻ ٻاري ڏنو آھي 2022 واري برساتي ٻوڏ جا متاثر اڃان آباد ناهن ٿيا جيڪڏهن هلندڙ برساتن کانپوء ٻوڏ آئي ته سنڌ حڪومت ان کي ڪيئن منهن ڏيندي جسقم چيئر مين چيو ته آبپاشي کاتي عملدارن جي نااهلي سبب سکر بئراج جو گم ٿيل 47 هون گيٽ هن وقت تائين ناهي لڍو۔مختلف سوالن جا جواب ڏيندي صنعان قريشي جو چوڻ ھو ته سرڪاري اسپتالن ۾ ڪابه سهولت ناهي سنڌي قوم پاڻ پنهنجي مدد تحت ڪم ڪري جيسي تائين سنڌي قوم گڏ نه ٿيندي ان وقت تائين ڌرتي ڌڻين کي حق نه ملندا سنڌ ڌرتي سان محبت ڪندڙن کي گڏجي جدوجهد ڪرڻ جي ضرورت آھي هڪ سوال جي جواب ۾ جسقم چيئرمين چيو ته سنڌ ۾ جاري قبيلائي جهيڙن کي سنڌ حڪومت ۽ انتظاميا چاهي ته ختم ٿي سگهن ٿا پر اهي الائي ڇو نه ٿا قدم کڻن شھيد بشير خان قريشي سنڌ ۾ قبيلائي جهڙن جي خاتمي لاء اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ منهنجي به ڪوشش آھي ته سنڌ مان قبائلي جهيڙن جو خاتمو ٿئي۔ان موقعي محمود سمون۔ ديدار شاني۔ شبير شر ۽ ٻيا پڻ موجود هئا۔

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو