سنڌ ۾ انسانيت جا ڪنڌ جھڪائيندڙ واقعا!

سنڌ ۾ انسانيت جا ڪنڌ جھڪائيندڙ واقعا!

محمد فاروق ٻرڙو

دادوءَ ۾ انسانيت جو ڪنڌ جھڪائيندڙ واقعي سبب اسان سڀ سوڳ ۾ آھيون، سنڌ ۾ معصوم نياڻين سان ٿيندڙ جنسي زيادتين جا ڪيس روزانو شرمناڪ ۽ غصب ناڪ آهن، مذمت لاءِ الفاظ ناھن اھڙن ظالمن درندن کي ٽياس تي ٽنگيو وڃي، اسان جي معاشري مان انسانيت موڪلائيندي پئي وڃي، ھر طرف وحشت ۽ دھشت جو راڄ آهي، جنسي زيادتين ۽ ڏاڍائيءَ جا واقعا روز جو معمول بڻجي ويا آهن، روزانو ڪنھن نہ ڪنھن شھر يا ڪنهن علائقي مان حوا جي نياڻي سان زيادتيءَ جون خبرون رپورٽ شايع ٿين ٿيون، ملير جي شاگردياڻي بشرا راڄپر وحشت جا پاڇا اڃان وساري ئي نه سگھي ھئي ته دادوءَ ۾ ٽن چئن سالن جي عمر جي معصوم گلن جھڙي ٻارڙيءَ افشان شاھاڻي تي وحشت جي پاڇن جو پڙلاءُ پئجي ويو، معصوم ٻارڙي جي جيجل ماءُ جو چوڻ آهي تہ ٻارڙي ٻاھر راند کيڏڻ جي لاءِ نڪري وئي واپسيءَ تي گھر روئيندي ۽ رڙيون ڪندي پھتي. افشان شاھاڻي جي جيجل امڙ جو چوڻ آهي تہ مون ڏٺو نياڻي کان رت وھي رھيو ھو، پوليس کي اطلاع ڏنو ۽ اسپتال پھچايو، ٻڌايو پيو وڃي ته اسپتال ۾ ڊاڪٽرياڻي نه ھجڻ ڪري ٻارڙي جو علاج نه ٿي سگھيو، ڊاڪٽرن جي چوڻ مطابق ته ٻارڙي جي حالت انتهائي خراب آھي، زيادتين جا واقعا روز ٿين ٿا، سڄي سنڌ سراپا احتجاج بڻجي وڃي ٿي، وزير، مشير، چونڊيل نمائندا بيان ڏين ٿا، پوليس جوابدار گرفتار ڪري ٿي ڏوھ جو اعتراف ٿئي ٿو، ڏوھارين کي سزائون به اچن ٿيون پر اسان جي سماج ۾ وحشت جو راڄ قائم رهي ٿو، ھاڻي بحث اھو نه آهي ته ناانصافي ٿي رهي آهي، پر بحث اھو آھي ته انصاف جي گهرجن ۾ ڪٿي ڪا کوٽ آهي اسان کي پنهنجي معاشري ۾ مھذبپڻي کي واپس آڻڻ ۽ وحشت جي راڄ جو خاتمو ڪرڻ لاءِ نوان پيچرا ٺاھڻا پوندا نه ته مستقبل ۾ ھن سماج کي وڏي قرباني ڏيڻي پوندي. روزانو ڪٿي افشان شاھاڻي، ڪٿي مونيڪا، ڪٿي بشرا راڄپر ته وري ڪٿي زينب کي حوس جو شڪار ۽ نشانو بڻايو پيو وڃي، اھڙن واقعن ۾ گھٽتائي نه اچڻ ان ڳالھ جي شاھدي ڏي ٿو ته انصاف جون گهرجون پوريون نه ٿيون ڪيون وڃن، واقعن کي روڪڻ لاءِ قانون ته آندا وڃن ٿا پر انهن تي عمل نه ٿو ٿئي، زيادتي جي واقعن تي حڪمرانن جي افسوس ڪرڻ سان ڪجهه نه ورندو ٻه ڏينهن اڳ ڪابينا جي اجلاس ۾ وزيراعظم طرفان سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ عورتن ۽ ٻارن سان زيادتي جي واقعن ۾ واڌ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو، وزيرن زينب الرٽ بل جي حوالي سان جاڳرتا مهم ھلائڻ تي زور ڏنو، اسان جو خيال آهي ته ھاڻي جاڳرتا پيدا ڪرڻ نه پر قانون ۾ وڌيڪ سختيون ڪرڻ جي ضرورت آھي، ۽ ان لاءِ قانون جي ماھرن کان مدد وٺي اھڙو قانون جوڙيو وڃي جنهن سان وحشت جي واقعن کي روڪي سگهجي. پوليس ۽ اسپتالن جي انتظاميا لاءِ به سختيون ڪرڻيون پونديون، دادو جي معصوم ٻارڙي افشان شاھاڻي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال آندو ويو جتي ڊاڪٽرياڻي جي نہ ھجڻ ڪري ٻارڙي دانهيندي رهي ۽ ھن جي حالت وڌيڪ خراب ئي وئي، سماج کي روين ۾ تبديلي آڻڻ لاءِ مول متا طئه ڪرڻا پوندا تڏهن ئي اسان ھڪ اھڙو معاشرو جوڙي سگھنداسين جنهن ۾ انسانيت جو ڳاٽ اوچو ٿي سگھندو. farooqburiro9@gmail.com

پهنجو تبصرو موڪليو