سنڌ ۽ بلوچستان ۾ پوليس ۽ ايڊمنسٽريشن جي آفيسرن جي ردوبدل جو حڪم

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان سنڌ ۽ بلوچستان حڪومت کي هدايت ڪئي آهي ته شفاف ۽ غير جانبدار چونڊن ڪرائڻ لاءِ پوليس ۽ انتظامي آفيسرن جون بدليون ڪريو. اليڪشن ڪميشن جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر جنرل(اليڪشن) سيد نديم حيدر جي صحيح سان اهڙو خط سنڌ ۽ بلوچستان جي چيف سيڪريٽرين ۽ اسلام آباد جي چيف ڪمشنر کي 15 آگسٽ تي اماڻيو ويو آهي، جنهن جي ڪاپي سنڌيار وٽ موجود آهي. خط چيو ويو آهي ته سي پي اوز، ڊي آءِ جيز، ايس ايس پيز، ڊي ايس پيز، ڪمشنر، ڊي سي ۽ اسسٽنٽ ڪمشنرن کي تبديل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. خط م چيو ويو آهي ته آئين جي آرٽيڪل 218 مطابق ملڪ ۾ قومي ۽ صوبائي اسمبلين جي عام چونڊ شفاف بنائڻ لاءِ اڳوڻين حڪومتن جي مقرر ڪيل آفيسرڻ جي ردو بدل ڪريو. اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري عمر حميد لکيل خط ۾ هدايت ڪئي آهي ته نگرانحڪومتن کي آگاهه ڪريو ته آئنده اليڪشن ڪميشن جي اجازت کانسواءِ بدلين ۽ مقررين تي بندش هوندي. اليڪشن ڪميشن مرڪزي ۽ چئني نگران حڪومتن کي ڪميشن جي مدد جي هدايت ڪندي ڀرتين ۽ بدلين تي به پابندي مڙهي آهي ۽ چيو آهي ته ضروري ڀرتي ۽ بدلي لاءِ اڳواٽ لکت ۾ اجازت ورتي وڃي.

Photo Sindhyar

پهنجو تبصرو موڪليو