سنڌ ۽ بلوچستان جا سور ساڳيا آهن، حل گڏيل جدوجهد آهي

سنڌ ۽ بلوچستان جا سور ساڳيا آهن، حل گڏيل جدوجهد آهي

ڪراچي(پ ر)نيشنل پارٽي جي مرڪزي صدر ۽ بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ نيشنل پارٽي جي ڪراچي آفيس ۾رکيل هڪ گڏجاڻي ۾ سنڌ جي مسئلن تي ڳالهائيدي چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان جا مسئلا ۽ سور ساڳيا آهن ۽ اسنکي گڏجي جدوجهد ڪرڻي پوندي. اسانجي مسئلن جو حل ان ۾ ئي آهي. هن راڻيپور جي شهيدفاطمه ۽ شھيد جان محمد مهر واقعن جي مذمت ڪندي چيوته اهي ٻئي واقعا ۽ سنڌ ۾ اهڙي قسم جا ٿيندڙ واقعن ۾ جاگيرداراڻي سماج جو اثر آھي جنهن خلاف نيشنل پارٽي عمل پيرا آھي، اجلاس دوران سنڌ اندر ٿيل شهادتن شهيدفاطمه ۽ شهيد جان محمد مهر جي شهادت تي هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي وئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو