سنڌ ڪابينا جي وڌيڪ 8 وزيرن اڄ حلف کڻي ورتو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ ڪابينا جي وڌيڪ 8 وزير حلف کڻي ورتو ترجمان وڏي وزير موجب گورنر هائوس ۾ وزيرن جي حلف برداري تقريب ٿي،سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري سنڌ جي وڏي وزير جي سفارش تي 8 وزيرن کان عهدن جو حلف ورتو،حلف کڻڻ وارن وزيرن ۾ ڄام اڪرام الله خان ڌاريجو، محمد علي ملڪاڻي، مخدوم محبوب الزمان، دوست محمد رحمان، شاهد عبدالسلام ٿهيم، رياض حسين شاهه شيرازي، شاهينه شير علي ۽ مير طارق علي ٽالپر شامل هئا،حلف برداري تقريب جي صدارت چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه ڪئي،تقريب ۾ صوبائي وزير سردار شاهه، صلاحڪار احسان مزاري، نجمي عالم، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب ۽ صوبائي سيڪريٽرين شرڪت ڪئي.سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه نئين حلف کڻندڙ وزيرن کي مبارڪباد ڏني

پهنجو تبصرو موڪليو