سنڌ ڊينگي جي نشاني تي، ذميواريون ۽ تدبيرون، صالح ميمڻ

ڊينگي جو مرض خطرناڪ صورتحال اختيار ڪري رھيو آھي، 5 سالن جي مقابلي ۾ هلندڙ سال جي 10 مهينن دوران رڪارڊ 7 هزار ڊينگي جا ڪيس ظاهر ٿي چڪا آھن. روزانو ڪراچي، سکر، لاڙڪاڻو، گهوٽڪي، دادو، سجاول، بدين، خيرپور ۽ ٻئن شھرن ۾ ڪيسن جو تعداد وڌي رھيو آھي، صرف آڪٽوبر مهيني  دوران ڊينگي جا هڪ هزار 76 ڪيس رجسٽرڊ ٿيا. گذريل 7 سالن جي مقابلي ۾ هن سال وڌيڪ ڪيس ظاھر ٿيا آھن، ھن سال جي 10 مهينن دوران سنڌ ۾ مجموعي طور ڊينگي جا 7 هزار هزار 808 ڪيس ظاهر ٿيا آهن. ڊينگي تي ضابطو نه اچڻ جي ڪري صورتحال ڳنڀير ٿي رهي آهي ۽ مختلف ضلعن ۾ ڊينگي جا ڪيس ظاهر ٿيڻ شروع ٿيا آهن. هڪ رپورٽ موجب 2013ع ۾ ڊينگي جا 5970، 2014ع ۾ ڊينگي جا 1295، 2015ع ۾ ڊينگي جا 3962، 2016ع ۾ ڊينگي جا 2418، 2017ع ۾ ڊينگي جا 2927 ۽ 2018ع ۾ ڊينگي جا 2088 ڪيس ظاهر ٿيا جڏهن ته هلندڙ سال جي 10 مهينن دوران 7 هزار 808 ڪيس ظاهر ٿي چڪا آهن. ڊينگي جي ڪري هن سال 20 مريض فوت ٿي چڪا آهن جن ۾ هلندڙ مهيني 9 مريضن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي آهي. اهي سمورا مريض ڪراچي ڊويزن جي مختلف ضلعن ۾ فوت ٿيا آهن جڏهن ته سنڌ جي ٻئي ڪنهن به ضلعي مان ڊينگي جي مرض سبب ڪنهن سنڌ سميت پياري پاڪستان ۾ ڊينگي وائرس جو ڦهلاءُ ھاڻ هر سال جو معاملو ٿي ويو آهي، جڏهن سنڌ جا عام طور تي سمورا ضلعا ۽ خاص طور تي 7 ، 8 ضلعا برسات تباھ ڪري ڇڏيا ھئا تڏھن ان موقعي تي به ڊينگي وائرس جي ظاهر ٿيڻ ۽ ان جي نتيجي ۾ ماڻهن جي مرڻ جون خبرون انتهائي خوفناڪ بڻجي ويون ھيون، هنن ئي مهينن ۾ تقريبن ھر سال ڊينگي وائرس ڪيترن ئي ماڻهن جي موت جو ڪارڻ بڻبو رھيو آھي، ھن سال اھا مصيبت ۽ قدرتي آفت وڏي پيماني تي ٿر تي نازل ٿي آھي، ھن کان اڳ ٿر ۾ معصوم ٻار بک وگھي مرندا رھيا ھئا ۽ هاڻي وري ڊينگي جي صورت ۾ ھڪ نئين مصيبت سامھون آئي آھي، ڊينگي وائرس ڦھلائيندڙ خاص مڇر بيٺل ۽ صاف پاڻي تي اچي ٿو، ٿر ۾ ماڻھو پاڻي جي کوٽ سبب ھٿ جي ٺاھيل حوضن، تلائن يا کڏن ۾ پاڻي جمع ڪري رکندا رھيا آھن ان ڪري چيو وڃي پيو ته ھن سان ڊينگي ان سبب ڪري اتي ڦھليو آھي، ھي سٽون لکجڻ ۽ ڇپجڻ تائين ٿر جي مختلف علائقن ۾ ٿورن ڏينھن اندر 2 سئو جي لڳ ڀڳ ماڻھو متاثر ٿيا آھن، سرڪار ۽ صحت کاتي جا پنھنجا انگ اکر آھن، پر سرڪار ۽ ان جي صحت کاتي جي ڊينگي کي روڪڻ جي حوالي سان ڪا به مناسب ڪوشش نظر نه آئي آھي، جنھن سبب ٿر جا غريب ماڻھو  ھڪ نئين خوف ۾ مبتلا ٿيا آھن، ھنن ئي مھينن دوران حيدرآباد ۾ به ڊينگي وائرس ڪلور ڪري ھڪ ئي خاندان جي 8 ڀاتين سميت 50 جي لڳ ڀڳ ماڻھن کي اسپتالن تائين اچڻ تي مجبور ڪيو، سنڌ جي تعليم کاتي جي سيڪريٽري فضل الله پيچوھو جي والده به ڊينگي جي حملي ۾ فوت ٿيڻ جي خبر به آئي. محترمه عذرا پيچوھو صاحبه به ڊينگي کان محفوظ نه رھي سگھي ۽ اھڙيون خبرون به ميڊيا ۾ آيون آهن. ٿر ۾ ڊينگي جو حملو ھن سال ٿر جو ھڪ نئون مسئلو ٿي سامھون آيل آھي، ماڻھن ۾ خوف تڏھن وڌندو آھي جڏھن سرڪار طرفان دعوائن باوجود ماڻھن کي مناسب موٽ يا رليف نه ملندو آھي. يا پوءِ ڊاڪٽر، سيڪريٽري، ايم اين اي ليول جا ماڻھو به ان مسئلي جو شڪار ٿيندا آھن. سال 2010ع ۾ ھنن ئي ڏينھن تائين سنڌ ۾ 1640 ماڻھو ڊينگي وائرس سبب متاثر ٿيا ھئا، 2 نومبر 2010ع تائين سنڌ ۾ ڊينگي جي نتيجي ۾ مرندڙن جو تعداد 32 ٿي ويو هو. اھو سال سنڌ ۾ وڏي دريائي ٻوڏ وارو سال ھو پاڻي جي ڪري ڪروڙين ماڻھو متاثر ۽ دربدر ٿيا ھئا. ان مان به اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هي وائرس ڪيترو خطرناڪ آھي، جنھن کان بچاءَ لاءِ صحت کاتو رڳو اخبارن ۾ ھڪ اشتھار ھلائي خانه پوري ڪري ڇڏيندو رھيو  هو، انھن اشتھارن مان سمجھيو ويندو آھي ته ماڻھن تائين احتياطي تدبيرن واريون ڳالھيون پھچي  ويون آھن، ھاڻ ماڻھن جو مسئلو آھي ته اھي ڊينگي کان پاڻ کي ڪيئن ٿا بچائين؟

ڊينگي ڇا آھي؟

ڊينگي مڇرن جي چڪ سبب ھڪ وائرس جي ذريعي ڦھلجي ٿو ، جيڪو مڇر صرف صاف ۽ بيٺل پاڻي تي اچي ٿو، ماڻھن کي  گھڻو ڪري شام يا صبح جي وقتن ڏنگي ٿو، جنھن سان خاص بخار اچي ٿو ان خاص قسم جي بخار مان ڊينگي جا مريض سامھون اچن ٿا. 2009ع ۾ ھن وائرس جي ڦھلجڻ جي حوالي سان سنڌ ۽ پنجاب ۾ هڪجهڙي صورتحال هئي، ليڪن 2010ع ۾ پنجاب ۾ ڊينگي جا وڌيڪ ڪيس سامھون آيا ھئا، ان جو به وڏو سبب دريائي ٻوڏ جو پاڻي جمع ٿيڻ ھو، پنجاب حڪومت ڊينگي جي ڦهلاءُ کي روڪڻ لاءِ نهايت اهم ۽ ڪارائتا قدم کنيا ھئا، جنهن ۾ پنجاب جي صوبائي حڪومت سريلنڪا کان خاص ٽيم به گهرائي ھئي ۽ پرائيوٽ اسپتالن کي ڊينگي جي متاثر ماڻهن جو مفت ۾ علاج ڪرڻ جي هدايتن سان گڏوگڏ ليبارٽرين لاءِ خاص هدايت جاري ڪئي ويئي ھئي، ته اهي ڊينگي وائرس جي خاص ٽيسٽ لاءِ صرف 90 روپيه فيس وصول ڪن.

فوٽو برٽنيڪا

پنجاب صوبي جي صوبائي حڪومت طرفان سريلنڪا مان خاص ٽيم ان لاءِ گهرائي وئي جو سال 2009ع دوران سريلنڪا ۾ ڊينگي وائرس چند مهينن اندر 35 هزار ماڻهو ماريا هئا ۽ اتي جي حڪومت ۽ صحت کاتي ان وائرس جو 2 ڀيرا وڏو مقابلو ڪري ماڻهن کي فائدو پهچائي وائرس جي حملي کان انھن کي محفوظ ڪيو هو. 2010ع ۾ پنجاب ۾ نه رڳو سريلنڪا کان خاص ٽيم گهرائي وئي پر لاهور هاءِ ڪورٽ به ڊينگي جي حوالي سان صحت کاتي جي صوبائي سيڪريٽري کي عدالت ۾ طلب ڪري خاص هدايتون ڪيون. غفلت ڪندڙ ڊاڪٽرن ۽ ٻين عملدارن جي لسٽ عدالت ۾ پيش ڪرڻ لاءِ حڪم ڏنو ۽ چئي ڇڏيو ھو ته جيڪو به ان ڏس ۾ غفلت ڪندو ان کي نه رڳو نوڪري مان ڪڍيو ويندو پر ان تي انساني زندگين کي بچائڻ جي معاملي ۾ غفلت ڪرڻ جا ڪيس به داخل ڪيا ويندا. ان وقت وفاق  ۾ پ پ جي حڪمراني ھئي، وزير اعظم ۽ صدر پ پ جا ھئا، ان باوجود پنجاب ۾ ڊينگي وبا سبب پنجاب جي ڪا مناسب مدد نه ٿي بلڪِ پنجاب جي حڪمرانن تي ٽوڪون ڪيون ويون ھيون ۽ ڊينگي کي سياسي ۽ طنزيه مسئلو بڻائي کنيو ويو ھو. ھن وقت سنڌ ۾ ڊينگي جا ڪيس سَون جي تعداد ۾ آهن، ماڻهو ان جي ڪري فوت به ٿيا آهن پر حڪومت طرفان جوڳا قدم نه کنيا ويا آهن، ٿر مان رپورٽ آئي آھي ته 21 سئو ڳوٺن ۾ 15 لک آبادي ۾ مڇرن کي مارڻ وارو ڦوھارو به نه ڪرايو ويو آھي، ڊينگي مان خطرو پوري سنڌ کي ساڳيو آھي، پر صحت کاتي جا ان ڏس ۾ ڪي به مناسب قدم ڪٿي به نظر نه ٿا اچن، جيڪا ڳالھه ڳڻتي جو ڳي لڳي رهي آهي.

ڊينگي جي تاريخ:

ڊينگي وائرس جديد تاريخ جي حوالي سان 55 سال پراڻو آهي، پاڪستان ۾ ان جو پهريون ڪيس 2003ع ۾ خوشاب ۾ ظاهر ٿيو هو، سنڌ ۾ 2009ع دوران  تقريبن هنن ئي ڏينهن ۾ ڊينگي وائرس هجڻ جي شڪ ۾ 400 مريضن کي چڪاسيو ويو هو، جن مان هڪ ٻن کي ڊينگي متاثر ڪيو هو باقي ان کان آجا قرار ڏنا ويا هئا. ان مان به واضع آهي ته هر اهو ماڻهو جيڪو سمجهي ٿو ته کيس ڊينگي وائرس متاثر ڪيو آهي اهو لازمي نه آهي ته کيس ڊينگي وائرس متاثر ڪيو هجي. ٻيو دليل اهو به آهي ته سال 2008ع ۾ سنڌ ۾ ڊينگي وائرس جي شڪ ۾ 851 ماڻهن کي چڪاسيو ويو هو، جن مان 270 ماڻهو ڊينگي جا متاثرين ظاهر ٿيا هئا. آڪٽوبر 2008ع ۾ ڊبليو ايڇ او جي هڪ رپورٽ ۾ ايشيا کنڊ جي 73 ملڪن ۾ ڊينگي يا ڊينگو بخار جو خطرو ظاهر ڪيو ويو هو ۽ چيو ويو هو ته ان وائرس سان انهن ملڪن جا 2 ارب ماڻهو (دنيا جا 33 سيڪڙو آبادي ) متاثر ٿي سگهن ٿا. اهڙي رپورٽ کانپوءِ 2009ع ۾ سريلنڪا ۾ 35 هزار ماڻهن جي موت جي ڊينگو جي حوالي سان تصديق به ٿي، لکن جي تعداد ۾ ماڻهو ڊينگي جي وائرس هٿان متاثر ٿيا ۽ ڪروڙين ماڻهو پريشان ٿي اسپتالن تائين شڪ ۾ پهتا، جنهن کانپوءِ ايشيا ۾ ڊينگي بابت شديد خوف جنم ورتو آھي، سال 2009ع ۾ سنڌ سرڪار ڪيسن جي وڌڻ ۽ ماڻهن جي مرڻ جو نوٽيس وٺندي ڪروڙين روپيه اشتهاري مهمن، خاص وارڊن، ٽيسٽن ۽ دوائن  تي خرچ ڪيا هئا. ڊينگو 2000ع ( يعني 20 هين صدي) تائين دنيا لاءِ ڪو وڏو خطرو نه هو. 2001ع کان 2004ع تائين 4 سالن جي عرصي ۾ ايشيا کنڊ جي مڙني ملڪن ۾ ڊينگي جا ڪل 98 ڪيس ظاهر ٿيا. جيڪي بعد ۾ سال به سال وڌندا رهيا آهن ۽ هڪ اهڙي خطرناڪ تاريخ جڙندي رهي آهي جو ڊينگي جو خوف ڏينهن به ڏينهن وڌندو پيو وڃي، ماڻهن کي پنهنجو ۽ پنهنجن ٻارن جي باري ۾ فڪر ٿيڻ لڳو آهي ۽ ان فڪر ۾ هيڪاندو اضافو پڻ اچي رهيو آهي.

ڊينگي جو ڦھلاءُ

ڊينگي جي ڦهلاءُ جي ذريعن ۾ هڪ ذريعو ٽيوبن جا پنڪچر ٺاهڻ لاءِ رکيل پاڻي وارا حوض يا ٽينڪ به قرار ڏنا ويا آھن، چيو ويو آهي ته پنڪچر چيڪ ڪرڻ لاءِ رکيل پاڻي ۾ ڊينگي جو خاص مڇر “ ايڊيز” وائرس آڻي ٿو جيڪو ٽيوبن تي پاڻي سان گڏ چنبڙي ٻين شهرن تائين ڦهلجي ٿو. جڏهن  ته ان کان اڳ اھو چيل آھي ته صاف پاڻي جي تلائن، ڦوهارن، ڍنڍن ، گهرن جي کليل ٽانڪين ۽ ٻين اهڙن هنڌن تي اهو خاص مڇر اچي آنا لاهي ٿو ۽ ان جي پيداوار وڌي ٿي.  وڏن ماڻھن جي گھرن اندر ٺھيل سوئمنگ پول  انھن لاءِ وڏا پالنا جا ذريعا آھن جن ۾ سڄو سال پاڻي بيٺل رھي ٿو، بنگلن جي اھڙي سونھن انھن بنگلن جي مالڪن انھن جي معصوم ٻارن لاءِ موتن جو سبب ٿي سگھي ٿي. وڏن وڏيرن ۽ سردارن جون ذاتي ڍنڍون يا مڇي جا تلاءَ به خطرناڪ بڻجي سگھن ٿا جن ۾ سالن تائين صاف پاڻي بيٺل رھي ٿو، انھن مڇي جي تلائن جي آس پاس رھندڙ سمورن ماڻھن کي ڪنھن به وقت ڊينگي متاثر ڪري سگھي ٿو. سڀ کان اھم ڳالھه اھا آھي ته ڊينگي ھر سال برساتن کان پوءِ گھڻو ڪري انھن شھرن يا علائقن ۾ وڌي ۽ پوءِ ٻين شھرن ۾ ڦھلجي سگھي ٿو جن علائقن ۾ برسات جو پاڻي ڊگھي وقت لاءِ بيھي رھي ٿو، بد قسمتي سان ماتلي سنڌ جو اھڙو تعلقو آھي جنھن ۾ ھيل تائين ڪابه سم نالي ناھي ان ڪري ماتلي تعلقي ۾ برسات جو پاڻي ھر سال نه رڳو فصل ٻوڙي ٿو پر برسات جو پاڻي سڄو سڄو سال بيٺل رھي ٿو، ماتلي شھر به ان طرح جو شھر آھي جنھن مان برسات جي پاڻي کي نيڪال ڪرڻ ۾ وقت لڳيو وڃي، ماتلي پاڻي جي کوٽ سبب ٽانڪين جو شھر به سڏجي ٿو، ڇو پاڻي کي گھڻن ڏينھن تائين جمع ڪري رکڻ ماتلي جي شھرين جي مجبوري  آھي، پاڻي جون اھي ٽانڪيون وڏي تعداد ۾ کليل رھن ٿيون جيڪي ڊينگي مڇر جون آماجگاھون ٿي سگھن ٿيون.

ڊينگي کان بچاءَ جون تدبيرون

ڊينگي کان بچاءُ جون جيتريون به تدبيرون ۽ هدايتون آهن، اهي سنڌ جي ماڻھن لاءِ بظاهر بي فائدا لڳن ٿيون، ڇو ته سنڌ ۾ تعليم گھٽ ۽ غربت وڌيڪ آھي، جتي به اھي ٻه مصيبتون ھونديون اتي ڪنھن ٽئين مصيبت کي اچڻ ۾ دير نه ٿي لڳي سگھي، خدا نه ڪري ڪنھن سال ۾ ڊينگي سنڌ ۾ ان طرح نه ڦھلجي جھڙي طرح ڪجھه سال اڳ  سريلنڪا ۾ ڦھليو ھو.

فوٽو لزادا

ڊينگي ڱان بچاءَ لاءِ سنڌ حڪومت واسطيدار علائقن ۾ ڦوهاري جو مسلسل بندوبست ڪري، کليل پاڻي وارن علائقن ۾ ماڻهو مڇر داني استعمال ڪن، گهر ۾ پاڻي جي ٽانڪي، ڪموڊ، بالٽي وغيره ۾ پاڻي چڪي رکجي، گهرن ۾ ماڻهو پان به اسپري جو بندوبست ڪن. جسم کي ڍڪڻ لاءِ فل ڊريس پائجي، اڌ ٻانهن واري پهراڻ، نڪر ۽ ڪڇي بدران فل ڊريس پائجي. سج لهڻ وقت کليل جاءِ تي رهڻ بدران گهر ۾ محفوظ رهڻ گهرجي، مال جي جاءِ ۾ دونهون ڪيو وڃي، مڇرن کي ڀڄائڻ لاءِ ٽڪيون ٻارجن. مطلب ته جيترو احتياط ممڪن آهي اهو ڪيو وڃي ڇو ته احتياط علاج کان بهتر آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو