اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن سنڌ پوليس ۾ وڏي پيماني تي بدلين ۽ بدلين جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب هڪ ايڊيشنل آءِ جي، 8 ڊي آءِ جيز، 31 ايس ايس پيز ۽ ايس پيز جا بدلي ڪيا ويا آهن.نوٽيفڪيشن موجب خادم حسين کي ايڊيشنل آءِ جي اسپيشل برانچ مان بدلي ڪري ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي مقرر ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن موجب اسد رضا ڊي آءِ جي سائوٿ زون ڪراچي، عاصم خان ڊي آءِ جي ويسٽ زون ڪراچي ۽ ڪيپٽن رٽائرڊ غلام اظفر کي ڊي آءِ جي ايسٽ زون ڪراچي مقرر ڪيو ويو آهي.عبدالحميد کوسو ڊي آءِ جي سکر، جاويد جسڪاڻي ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو، طارق رزاق ڊي آءِ جي حيدرآباد، پرويز چانڊيو ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد ۽ تنوير عالم اوڍو کي ڊي آءِ جي ميرپورخاص مقرر ڪيو ويو آهي.ان کان علاوه امجد شيخ ايس ايس پي حيدرآباد، ابريز علي عباسي ايس پي ٽنڊوالهيار، سليم شاهه ايس پي ٽنڊو محمد خان، نورالحق رند ايس پي مٽياري، طارق نواز ايس پي ڄامشورو، شبيرسيٺار ايس ايس پي دادو، علي بخش ايس ايس پي ٺٽو، شهلاقريشي ايس پي سجاول، قمر جسڪاڻي ايس ايس پي بدين، حيدر رضا ايس ايس پي شهيد بينظير آباد، طارق الاهي مستوئي ايس ايس پي ملير، حسن سردار ايس ايس پي ڪورنگي، فيصل عبدالله چاچڙ ايس ايس پي سينٽرل ڪراچي، عرفان علي بهادر ايس ايس پي ايسٽ ڪراچي، عمران قريشي ايس ايس پي ضلعي ڏکڻ ڪراچي، محمد عارف اسلم ايس ايس پي ڪيماڙي ۽ ايس ايس پي ويسٽ ڪراچي ظهور علي کي مقرر ڪيو ويو آهي.
