هاءِ ڪورٽ پاران ڪتن جي ڏاڙهڻ جي روڪٿام جو حڪم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اڄ به ڳوٺن ۾ ڪُتي ڏاڙهيل ماڻهن کي علاج لاءِ شهر وڃڻو پئي ٿو، مقامي ڊاڪٽرز وٽ وئڪسين ناهي هوندي، حيدرآباد پهچڻ تائين ڪُتي ڏاڙهيل ماڻهو مري ويندو آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ صوبي ۾ ڪتن جي ڏاڙهڻ وارن واقعن جي روڪٿام جو حڪم ڏئي ڇڏيو، سمورن ڊي سيز کي سيڪريٽري بلديات آڏو هفتيوار رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم، عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو آهي ته سيڪريٽري بلديات رپورٽس جي روشني ۾ معاملي کي ڏسندو، رولو ڪتن جي آزار خلاف ڪيس تي ٻڌڻي دوران غيرحاضري تي ايڊيمنسٽريٽر ڪراچي مٿان ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو، عدالت ايڊمنسٽريٽر ڪراچي کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، ايندڙ ٻڌڻي تي شوڪاز نوٽيس جو جواب طلب ڪيو ويو آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو