سنڌ نيوز پيپر وفد جي ملاقات،مسئلا حل ڪرڻ جي خاطري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ سان سنڌ نيوزپيپرز سوسائٽي ۽ لاڙڪاڻي پريس ڪلب جي وفد ڪراچي ۾ الڳ الڳ ملاقاتون ڪيون. لاڙڪاڻي پريس ڪلب جي وفد سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ کي لاڙڪاني جي صحافين جي مسئلن بابت آگاھي ڏني. لاڙڪاڻي پريس ڪلب جي وفد ۾ مرتضيٰ ڪلھوڙو، نويد لاڙڪ، منير سومرو، عبدالقادر جاگيراڻي، معشوق اوڍاڻو شامل ھُئا. سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ لاڙڪاڻي جي صحافين جي سمورن مسئلن جي حل جي خاطري ڪرائي. لاڙڪاڻي جي صحافين سينئر صوبائي وزير کي لاڙڪاڻي شھر جي مسئلن بابت بھ بريف ڪيو. سنڌ نيوز پيپرز سوسائٽي جي وفد ڪراچي ۾ سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ سان ملاقات ڪئي ۽ ميڊيا ورڪرز ۽ ادارن کي درپيش مسئلن بابت آگاھي ڏني. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ سنڌ نيوز پيپرز سوسائٽي جي وفد کي مسئلن جي حل جي خاطري ڪرائي ۽ چيو تھ اظھار راءِ جي آزادي پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ سنڌ حڪومت جو ويزن رھيو آھي، شھيد بي بي، صدر آصف علي زرداري ۽ چيئرمين بلاول بھٽو زرداري جي ويزن تحت سنڌ سرڪار صحافين جي سمورن حقن جو تحفظ ڪندي آئي آھي. ھن چيو تھ سنڌ سرڪار صحافتي تنظيمن، ميڊيا جي ادارن ۽ ورڪرن جي مسئلن تي خاص ڌيان ڏئي رھي آھي، صوبي ۾ صحافين جي مسئلن جي حل لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ ھو تھ ميڊيا ورڪرز جي ذميوارين جي ادائگي ۾ درپيش مشڪلاتن جو خاتمو اسان جو عزم آھي، سمورين تنظيمن جي سھڪار سان مسئلن جي نشاندھي ڪئي ويندي ۽ اُنھن کي حل ڪيو ويندو. سنڌ نيوز پيپرز سوسائٽي جي وفد ۾ قاضي شفيق احمد، رضوان شاھ، ايوب پيرزادو، نسيم شيخ، شاھد انصاري شامل ھُئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو