سنڌ صوفين ۽ اوليائن جي ڌرتي آھي: ڊاڪٽر لال چند اڪراڻي

سنڌ صوفين ۽ اوليائن جي ڌرتي آھي: ڊاڪٽر لال چند اڪراڻي

ٿاڻوبولاخان (ن س )سنڌ جي اقليتي معاملن واري وزير ڊاڪٽر لال چند اڪراڻي چيو آهي ته سنڌ صوفين ۽ اوليائن جي ڌرتي آھي، جيڪا ذميواري ملي آھي هو ان پورو لھندا، عھدا اچڻا وڃڻا آھن، عوامي خدمت پيپلز پارٽي جو منشور آهي جيڪا بنا فرق ڪئي ويندي.پ پ مينارٽي ونگ سنڌ جو صدر ۽ صوبائي وزير ڊاڪٽر لال چند اڪراڻي ٿاڻوبولاخان پھچي ويو. مکي پيٽرول پمپ وٽ پ پ تعلقي ٿاڻوبولاخان جي ورڪرن طرفان صوبائي وزير جو مانائتو آڌر ڀاءُ ڪندي اجرڪ ۽ لونگي جا تحفا پيش ڪيا ويا. صوبائي وزير ڊاڪٽر لالچند اڪراڻي، پ پ ڄامشوري جي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر موھن لال ڪوھستاني ۽ پ پ تعلقي ٿاڻو بولا خان جي صدر ڪامريڊ ڀڳوان داس ڪوھستاني سان گڏ ٿاڻو احمد خان ويجهو گرو ٻالپري آشرم پھتو. گرو ٻالپري شيوا منڊلي جي سٿ صوبائي وزير ڊاڪٽر لالچند اڪراڻي جي دھلن شرناين سان آجيان ڪري گلن جي گلن جي ورکا ڪئي. صوبائي وزير ڊاڪٽر لالچند اڪراڻي گروٻالپري آشرم تي حاضري ڀري آرتي پوجا ۾ حصو وٺي ملڪ ۽ قوم جي سلامتي لاءِ خاص دعائون گھريون. سنڌ جي اقليتي معاملن واري وزير ڊاڪٽر لال چند اڪراڻي چيو ته سنڌ صوفين ۽ اوليائن جي ڌرتي آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو