سنڌ سرڪار ھن سال به سنڌي ماڻهن کي ٻوڙي دربدر ڪري ڇڏيو

سنڌ سرڪار ھن سال به سنڌي ماڻهن کي ٻوڙي دربدر ڪري ڇڏيو

حيدرآباد (ڊ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي ته سنڌ جي لکين ماڻهن کي برسات ۽ سم نالين جي وقت سر کانٽي ۽ صفائي نہ ٿيڻ ڪري پيپلزپارٽي جي سنڌ سرڪار هٿ وٺي 2022 واري برساتي ٻوڏ جيان ھن سال بہ سنڌي ماڻهن کي ٻوڙي دربدر ڪري ڇڏيو آهي،شهرن جا شهر ۽ سوين ڳوٺن کي ٻوڙائي ڇڏيا آهن اڃان تائين برسات ٻوڏ متاثرين جي ڪابہ واهر نہ ڪئي وئي آهي. برسات متاثرين جي بحالي بدران امداد جي نالي ۾ اربين روپين جي ڪرپشن ڪئي ويندي. برسات سبب سنڌ جي ماڻھو کي معاشي طور تباھ ۽ برباد ڪري ڇڏيو. برسات سبب لکين متاثرين بي يارومددگار طور دربدري واري زندگي گذاري رهيا آهن اياز لطيف پليجي چيو آهي تہ برسات متاثر علائقن کي آفت سٽيل قرار ڏئي متاثر آباد گارن کي في ايڪڙ ھڪ لک رپيا معاوضو ڏنو وڃي، ڌل، آبيانو ۽ عشر معاف ڪيو وڃي. نئين فصل لاءِ في آيڪڙ ٻج، ڀاڻ جو 50 هزار رپيا بنا وياج قرض فراهم ڪيو قدرتي آفتن سبب فصلن کي ٿيندڙ نقصان کان بچائڻ لاءِ فصلن جي انشورنس ڪئي وڃي تہ جيئن آبادگار هاري معاشي تباهي کان بچي سگهن.بجلي ۽ گئس جا بل معاف ڪيا وڃن. آبادگارن کي زرعي ڀاڻ ۽ ٻج مفت ڏنو وڃي. زرعي قرض معاف ڪيا وڃن. فوڪل پرسن پاڻي جي نيڪال ۽ عوام جي واھر ڪرڻ بدران صرف فوٽو سيشن ڪري رھيا آھن.ڪرپشن ۽ خراب حڪمراني سنڌ کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ پاڻي نيڪال جو بھتر نظام نہ ھجڻ ڪري فصل، ڳوٺ، رستا ۽ شھر ٻڏي ويا آھن، ڪروڙين روپين جو نقصان ٿيو آھي، گذريل ٻوڏن سنڌ کي معاشي بدحال ڪيو، حڪومت متاثرن جي بحالي جا اعلان تہ ڪيا پر عمل نہ ڪيو،موجوده برساتن ۾ وڏو نقصان ٿيو آھي، انھي نقصان جو ازالو ڪيو وڃي. متاثرن کي نقصان جو معاوضو ڏنو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو