سنڌ روينيو بورڊ جي ٽيڪس ڪليڪشن ۾ واڌ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ روينيو بورڊ جي ٽيڪس ڪليڪشن ۾ واڌ ٿي وئي، بورڊ سيپٽمبر 2023 ۾ 21.58 ارب رپين جو روينيو وصول ڪيو. هلندڙ سال سيپٽمبر ۾ گڏ ٿيندڙ روينيو گذريل سال ۾ حاصل ٿيندڙ 15.64 ارب رپين جي ڀيٽ ۾ 38 سيڪڙو وڌيڪ آهي. هلندڙ مالي سال جي پهرين ٽن مهينن ۾ به سنڌ روينيو بورڊ جي وصولي ۾ 44 سيڪڙو واڌ ٿي هئي. هلندڙ مالي سان جي پهرين ٽن مهينن ۾ سنڌ روينيو بورڊ 52.12 ارب رپين جي ڪليڪشن ڪئي هئي، جڏهن ته گذريل مالي سال جي پهرين ٽن مهينن ۾ 36.12 ارب رپين جو روينيو گڏ ٿيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو