سنڌ دشمن منصوبن خلاف لڳل بک هڙتال پڄاڻي تي پهتي

حيدرآباد:(ن س) جيئي سنڌ رھبر ڪميٽي طرفان سنڌ دشمن سازشن خلاف سڄي سنڌ جي ڊويزنل ھيڊ ڪواٽرن ۽ مختلف شھرن ۾ 24 ڪلاڪن جي بک ھڙتال ڪئي وئي ان ڏس ۾ حيدرآباد پريس ڪلب اڳيان ڪالھ جيئي سنڌ رھبر ڪميٽي جي سربراھ رياض علي چانڊيو، نواز شاهه ڀاڏائي، فتاح چنا، اياز سولنگي انور بڙدي، باغي ڪالرو، راوت چانڊيو حيدر چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪارڪن بک ھڙتال تي ويٺا جيڪا اڄ 24 ڪلاڪ پورا ٿيڻ تي پڄاڻي تي پھتي، ان موقعي تي جلسو پڻ منقعد ڪيو ويو.جلسي کي خطاب ڪندي رياض علي چانڊيو چيو ھن فيڊريشن ۾ سنڌ اھڙو مظلوم ديس آھي جو برادرين جي جھيڙي ساوند سندراڻي تڪرار جي نتيجي ۾ قتل ڪيل ساوند برادري جي مقتول بھرام ساوند جي تذليل ڪئي وڃي ۽ لاش جو ڀنگ وصول ڪيو وڃي، آھي ھتي ڪا رياست ڪو قانون؟ پاڪستان ۾ خوراڪ جي کوٽ جو شڪار سنڌ بيمارين ڪاري ڪامڻ، ايڊز، ڪينسر، ٽي بي ۽ ٻين جو مرڪز سنڌ پاڪستان ۾ بدترين ڪرپشن جو مرڪز سنڌ پاڪستان ۾ اغوا ڪاري جو مرڪز سنڌ پاڪستان ۾ بدترين انساني حقن جي ڀڃڪڙين جو مرڪز سنڌ سڀني بدحالين جو مرڪز سنڌ جڏھن ته ترقي ۽ خوشحالي جو مرڪز صرف پنجاب آھي ان ڪري ته سنڌ جي وسيلن تي پنجاب جو قبضو آھي ۽ طاقتور قوتن جي ايجنڊا برباد سنڌ آھي ۽ ان برباد سنڌ جي تڪميل جو نالو پيپلزپارٽي جو چوٿون اقتدار آھي. هن چيو ته ھر ترقياتي منصوبو ھتي ميگا ڪرپشن جو منصوبو آھي جنھن ۾ پيپلا ۽ پاڪستان جا سڀ سرڪاري ادارا شامل آھن نتيجي ۾ سنڌ ۾ پيدا ٿيل ڏڪار ۽ موذي بيمارين سبب اسان جي نسل ڪشي ٿي رھي آھي اڄ جڏھن ملڪ ۾ معاشي ۽ سياسي بحران آھي ان بحران جو ذميوار پنجاب ۽ ان جا طاقتور ادارا آھن سنڌ ناھي اڄ به پنجاب ۽ ڪي پي کي اسٽبلشمنٽ سياسي سرگرمين جي اجازت ڏني آھي پر سنڌ ۾ اغوا ڪاري جي ڪاروبار جي اجازت آھي پ پ کي لٽ مار جي اجازت آھي منشيات فروشي جي اجازت آھي قبضن جي اجازت آھي پر پرامن سياسي جھدوجھد جي اجازت ناھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو