سنڌ دشمنن سان ساٿ ڏيندڙ پنهنجا ئي آهي

سنڌ دشمنن سان ساٿ ڏيندڙ پنهنجا ئي آهي

سنڌ دشمنن سان ساٿ ڏيندڙ  پنهنجا ئي آهي

تحريري سيد زوار حسين شاهه

مان حيران پريشان آهيان ته اسان کي سياستدان هڪ ابوجهه قوم سمجهي کيڏائين ڪيئن ٿا ڪجهه هفتا اڳ جيڪڏهن مان سنڌ جي ورهاڱي جي  ڳالهه  ڪيان ته تعجب ٿيندو اهو ان ڪري جو پاڪستان پيپلزپارٽي  ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻن پاران سنڌ جي ورهاڱي جي ڳالهه ڪئي ته  حڪومت سنڌ وٺ ۾ نه هئي  جتي ڪٿي جيئي ڀٽو سنڌ کي جدا ڪرڻ سان هاڻ جنگ ٿيندي  نه کپي نه کپي ايم ڪيو ايم پاڪستان نه کوي وٺ جا نه هيا بس شل نه ڪو سنڌ جو نمائندو ٽي وي يا ڪنهن ميڊيا جي اڳيان اچي  بس ائين پيو لڳي ته سنڌ سان انهن کي بي انتها پيار آهن پر مان سلام پيش ڪندس پاڪستان جي وزيراعظم جناب عمران خان منهنجي نظر م ڪامياب ڪپتان ۽ سياستدانن جيڪو پاڪستان جي سياستدانن جي هر چال کي سمجهي ويو آهي جنهن کان پوء بهترين هو راند پيو کيڏي ڪهڙي وقت ڪيئن راند کيڏڻي آهي  هو رانديگرن کي موقعو ڏيئي رهيو آهي برحال هاڻ ايم ڪيو ايم پاڪستان سان ڳالهيون ٿيون ڪيترن ئي اشوز تي  انهن سان هو هٿ ملائي رهيا آهن صرف ڪپتان کي جهڪائڻ لاء هو به پتو کيڏي رهيا آهن  مان پريشان حيران آهيان ته ڪا شرم جي ڳالهه به هوندي آهي جن سنڌ کي جدا ڪرڻ لاءِ نعره هنيا جن سنڌ جا ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ جي بار بار ڳالهه ڪئي هاڻ ان جي هنج ۾ انهن وٽ وڃي  سينيٽر تاج حيدر جيڪو ڪڏهين قوم پرست به ڄڻ هيو برحال هڪ طرف سنڌ جي هقن جي سودي بازي به حڪومت وقت سنڌ حڪومت پاڪستان پيپلزاپارٽي ڪئي جنهن ۾ ڏنگي ٻيٽ ڀندار ٻيٽ به هن ئي پارٽي  وفاق جي حوالي ڪيا هاڻ جڏهن عوام  روڊن تي نڪري گهر ڇڏي احتجاج ڪيو ته پ پ پ پنهنجي عزت بچائڻ لاڀ احتجاج ڪرائي پنهنجي وڃايل ساک کي بچائڻ جي ڪوشس ڪئي وري ڪاروجهنگر جنل جيڪا سنڌ جي جان آهي سنڌ جو شان آهي پيپلز پارٽي متحده پاڪستان کي سنڌ حڪومت ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏئي ڇڏي ڪراچي ۾ پيپلز پارٽي ۽ متحده وفد وچ ۾ آدمشماري سوڌو صوبي جي مسئلن تي ڳالهيون جاري رکڻ تي اتفاق ايم ڪيو ايم پاڪستان جي مرڪز بهادر آباد ۾ پ پ جي وفد سعيد غني تاج حيدر ۽ مرتضيٰ وهاب ۽ ٻين متحده جي خواجه اظهار الحسن فيصل سبزواري جاويد حنيف ۽ ٻين سان ملاقات ڪئي، ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي تاج حيدر چيو ته خواهش آهي ته متحده وارا اسان سان ڀاڪر پائي وٺن هن چيو ته ڪراچي ۾ ٽئين ڌُر کي مڙهيو ويو آهي ڇهين آدمشماري ۾ سنڌ جي هڪ ڪروڙ چاليهه لک آبادي گهٽ ڏيکاري وئي، ٻيٽن جي مامري تي پ پ ۽ متحده جو موقف ساڳيو آهي پي ايم سي جي تڪراري نتيجن سوڌو ٻين مسئلن تي ڳالهين جو سلسلو جاري رهندو متحده اڳواڻ فيصل سبزواري چيو آهي ته پ پ اڳواڻن سان ملاقات دوران عوام جا مسئلا حل ڪرڻ تي ڳالهيون ٿيون اُميد ته عدالت سوڌو ٻين فورمز تي آدمشماري جي نتيجن خلاف ويڙهه ۾ پيپلز پارٽي اسان جو ساٿ ڏي.  ٻئي طرف سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته مردم شماري درست ناهي، شاهديون موجود آهن ان معاملي تي ايم ڪيو ايم اسان جو ساٿ ڏئي ۽ ڪابينا ۾ ويٺل مفاد پرستن کي گهر موڪلي. فيڊرل بي ايريا انڊسٽريل زون ۾ تقريب کي خطاب ڪندي مرتضيٰ وهاب چيو ته آبادي بنا پلاننگ نٿي ٿي سگهي مردم شماري تي ايم ڪيو ايم سان ملنداسين ايم ڪيو ايم وارا اسان جو ساٿ ڏين. هن چيو ته ايم ايل ون کي سرڪلر ريلوي تي اهميت ڏني پئي وڃي حددخلين جو خاتمو لوڪل گورنمينٽ جو ڪم آهي آبادين کي هٽائڻ تي اسان جو موقف آهي ته اڳ ۾ متبادل ڏيو ڪمرشل حددخلين تي ڪارروائي ڪنداسين. سندس چوڻ هو ته ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن، سنڌ حڪومت چائنا ڪٽنگ ٿيڻ نه ڏيندي اسان پنهنجا اعتراض موڪلي ڇڏيا آهن شعور ۽ آئين سان محبت اٿوَ ته پنهنجو آرڊيننس واپس وٺو.    وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد اعلان ڪيو آهي ته 16 فيبروري تي اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جو پاسپورٽ رد ڪري ڇڏينداسين. اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته سي ڊي اي جي سڀني ملازمن کي ريگيولر ڪرڻ جو اعلان ڪريان ٿو دهشتگردي جا خطرا آهن، جنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ ايگل اسڪواڊ اسلام آباد ۾ مقرر ڪري رهيا آهيون اسلام آباد ۾ سمورا ناڪا ختم ڪري رڳو 3 بچائينداسين. هن چيو ته پهرين جنوري کان سڀني ملڪن جون ويزائون آن لائن ٿينديون، جن ۾ چين ۽ افغانستان به شامل آهن، مينوئل ويزائون ختم ڪري رهيا آهيون ڇو ته انهن ۾ ڪرپشن هئي ۽ شڪايت هئي ته چين ۽ افغانستان جي ويزا ۽ ان ۾ واڌ لاءِ پئسا ورتا ويندا آهن. خواجا آصف جي گرفتاري تي سندس چوڻ هو ته اهي سڀ وائکا ٿي چڪا آهن، جيڪڏهن مان گهرو وزير آهيان ۽ اقامو وٺان ته ان جو مطلب آهي دال ۾ ڪجهه ڪارو آهي، مطلب منهنجو منهنجي ڌرتي تي ايمان ناهي. ان موقعي تي شيخ رشيد اعلان ڪيو ته 16 فيبروري تي اڳوڻي نواز شريف جو پاسپورٽ رد ڪيو ويندو. گهرو وزير موجب پ پ سينيٽ چونڊن ۾ حصو وٺندي ته ضمني چونڊون به وڙهندي، ڳالهين لاءِ دَر کليل آهن اهي سڀ چور پنهنجي چوري بچائڻ لاءِ گڏ ٿيا آهن، اهي سڀ وائکا ٿيندا، انهن لاءِ به ڳالهين جي دروازا کليل آهن پر جن کي ڳالهيون ڪرڻيون آهن، اهي اسيمبلي ۾ اچن ۽ جن مال پاڻي گڏ ڪيو آهي، اهي وڏي گيٽ کان اچن. ٻئي طرف اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پيپلزپارٽي جي بائونسر 12 هين رانديگر مولانا فضل الرحمان ۽ مريم صفدر جي سياسي بيروزگاري ۾ اڻ ڄاڻايل مدي تائين جي توسيع ڪري ڇڏي آهي، اربع ڏينهن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته پيپلزپارٽي جي بائونسر (ن) ليگ ۽ مولانا فضل الرحمان جي حڪومت کي غير مستحڪم ڪرڻ جو خواب ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو آهي، هن چيو ته ذاتي مفادن لاءِ ٺاهيل پي ڊي ايم جي ڦوڪڻي مان پهرين ئي هوا نڪري چڪي آهي. وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته مخالف ڌر کي عدالت جي سوالن جا جواب ته ڏيڻا ئي پوندا. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ وزير اعظم جي خاص مددگار بابر اعواڻ سان گڏ ميڊيا بريفنگ ۾ شبلي فراز چيو ته مخالف ڌر اسان جي سوالن جا بي شڪ جواب نه ڏئي پر جيڪڏهن عدالت سوال ڪري ته توهان کي جواب ڏيڻو پوندو. هن چيو ته سينيٽ ۾ اسان ساڻن سوال ڪنداسين پر گهٽ ئي اميد آهي ته هو جواب ڏيندا. وفاقي وزير چيو ته انهن ماڻهن ادارن کي ذاتي مفادن جي لاءِ استعمال ڪيو، ملڪ مان دولت ٻاهر وئي ۽ عوام کي غريب ڪيو. سندس چوڻ هو ته ماضي جي حڪمرانن جو ڌيان رڳو پيسي ٺاهڻ تي رهيو، سڀ قانون جي ماتحت آهن، عام شهري جواب ڏيندو آهي توهان کي به ڏيڻو پوندو. شبلي فراز اِهو به چيو ته مخالف ڌر اتحاد طرفان ڪوشش ڪئي وئي آهي ته پارليامينٽ فورم کي چوريون لڪائڻ استعمال ڪيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته ماضي ۾ حڪمرانن پنهنجي فائدي لاءِ ملڪ کي استعمال ڪيو، اسان انگ ۾ گهٽ آهيون پر سينيٽ ۾ ويهنداسين.  برحال پاڪ دشمن قوتون سنڌ دشمن قوتون انتهائي سرگرم آهن ، جنهن کي به حڪومت وقت ڪپتان ڏسي رهيو آهي جيڪڏهن پ پ پ هڪ پتو کيڏي ٿي ته ڪپتان بار بار اهڙا ته پتا کيڏي رهيوآهي جنهن کان پوء پاڪستان جون تمام سياسي پارٽيون ڪپتان جي مختلف سياسي حملن اپوزيشن کي جهڪائي ڇڏيو جنهن کان پوء  اپوزيشن به پاڻ بچائن لاء سنڌ دشمن پارٽين سان ملي حڪمت عملي جوڙي ڪپتان کي جهڪائڻ جي ڪوشش آهي  برحال مان عرض ڪندس ته پاڪستان پيپلزپارٽي هجي يا پاڪستان مسلم ليگ ن هجي  انهن کي به نئين حڪمت عملي جوڙني پوندي  نه ته جنهن طرح سان ڪپتان راند پيو کيڏي ان جا نتيجا به خطرناڪ نڪرندا                                      

پهنجو تبصرو موڪليو