سنڌ حڪومت پنهنجي 15 سالن جي دور ۾ ڪجهه نه ڪيو: ڪمال

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته مراد علي شاهه جون ترقياتي ڪمن جو دعوائون رد ڪيان ٿو. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مصطفيٰ ڪمال چيو ته سنڌ ۾ جيڪڏهن ڪجهه سٺو ٿئي ها ته اسان تعريف ڪيون ها، سنڌ حڪومت پنهنجي 15 سالن جي دور ۾ ڪجهه نه ڪيو. هن چيو ته سنڌ حڪومت عوام جي اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي، رڳو اشتهارن تي اربين رپيا خرچ ڪيا پيا وڃن، اهو پئسو منهنجو ۽ توهان جو آهي، ڪنهن جي ذاتي ملڪيت ناهي. سندس چوڻ هو ته منهنجي دور ۾ ڪراچي دنيا ۾ تيزيءَ سان ترقي ڪندڙ 12 شهرن ۾ شامل هو. صوبي ۾ گذريل 15 سالن کان پيپلزپارٽي جو ڪرپٽ دور هلي رهيو آهي، هن ڊگهي عرصي ۾ صوبائي حڪومت ڪجهه به ناهي ڪيو، پر انگن اکرن مطابق سنڌ جي حالت ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ نهايت خراب آهي، بدعنوان صوبائي حڪومت پاران ڏنل ڪاٿي مطابق سنڌ حڪومت گذريل 15سالن ۾ 18 هزار ارب روپين کان وڌيڪ خرچ ڪري چڪي آهي، هي ڪيڏي وڏي رقم آهي جو سڄي صوبي کي 50 ڀيرا تباهه ڪري نئين سر تعمير ڪري سگهجي ٿو، ڪراچي کان ڪشمور تائين سفر ڪريو، جيئن اوهان پنجاب ۾ داخل ٿيندا ته گاڏي جي هلڻ مان پتو پئجي ويندو ته هاڻي سنڌ جي حد ختم ۽ پنجاب اچي ويو آهي، ڪراچي کان ڪشمور تائين سڄو صوبو تباهي ۽ بربادي جو ڏيک ڏئي رهيو آهي، سيد مصطفي ڪمال وڌيڪ چيوته تعليم جي شعبي تي 3 هزار 2 سئو ارب خرچ ٿيا آهن، پوءِ به صوبي ۾ 76 لکن کان وڌيل ٻار تعليمي ادارن ۾ نٿا وڃي سگهن، دنيا ۾ اڪثر ملڪ اهڙا آهن، جن جي آبادي 76 لک کان گهٽ آهي، 50 ملڪن کان وڌيڪ آبادي سنڌ ۾ انهن ٻارڙن جي آهي جيڪي اسڪول وڃڻ کان محروم آهن، ڪمزورن پاليسين سبب ماڻهن پنهنجن ٻارڙن کي تعليم ڏيارڻ به ڇڏي ڏنو آهي، وڌيڪ اهو به سنڏ حڪومت کي ايم ايف سي ايوارڊ ۾ 18 سئو ارب ملندا، صوبي جي ڪل آمدني جو حصو 97 حصو هي غريب جو پيٽ پاليندڙ شهر ڪمائي ڏئي ٿو، پر ڪراچي لاءِ 33 ارب روپيا رکيا ويا آهن، جيڪي ڪجهه ڏنا آهن، پنجاب 15 سيڪڙو، خيبرپتخونخواهه 17.5 سيڪڙو ۽ سنڌ 5 سيڪڙو بجيٽ مقامي حڪومن جي رکي آهي، هڪ پاڻي جو ڪاروبار ڪندڙ هڪ شهر ۾ ارب پتي بڻجي چڪو آهي، جديد دنيا چنڊ تي هلي رهي آهي، هتي ٻار گٽر ۾ ڪري مري رهيا آهن. پيئڻ جو پاڻي ناهي، سيوريج جو پاڻي گهرن مان نڪري نٿو، مهانگائي ۾ واڌ جي حساب سان ڪرپشن جا ريٽ به وڌي رهيا آهن، روزانو جي بنياد تي سوين ٻارڙن کي ڪتا چڪي رهي آهن، ڪتي جي چڪڻ جي ويڪسين اسپتال ۾ ناهي، هن شهر ۾ سڀ سٺو آهي ته اشتهارن تي ايترو خرچ جي ضرورت ڪهڙي آهي، گرين بسون ايم ڪيو ايم جي نظام واري دور ۾ هلايو ويو هيون، 15 سالن جي حڪومت کان پوءِ جيڪڏهن ان کي ڪارنامو چئو ته اسان قبول نه ڪنداسين، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ 41 هزار کان وڌيڪ گهراڻڻ جي مدد جي نالي تي ڪرپشن چوٽ تي آهي، پهريان چيو ته 2 هزار ڏينداسين، پوءِ 5 هزار ڏئي ماڻهن کي ماتحت ڪري انهن جي تذليل ٿيڻ لڳي، سيد مصطفيٰ ڪ مال بلاول ڀٽو کي مخاطب ڪندي چيوته وزيراعليٰ هائوس ۾ ڪي فور جي تقريب ۾ اوهان فرمايو ٿا ته بلاول هائوس ۾ پيڻ جي پاڻي جو ٽينڪر اچي ٿو، بلاول صاحب پنهنجي وڏي وزير کان پڇيو ته 15 سالن کان پوءِ به بلاول هائوس ۾ پاڻي ڇو نه اچي، بلاول صاحب ۽ زرداري صاحب توهان جي سنڌس حڪومت 40 سيڪڙو مخصوص ڪوٽا ڏي تي راضي ناهي، پٽيوالي کان وٺي آفيسرن تائين جي ڀرتي مقامي ماڻهن جي نه پئي ٿي، جيڪو انهن جو حق آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪجههڏينهن اڳ پنهنجي تاريخي فيصلي ۾ مند پسند ڀرتين کي ڪالعدم قرار ڏنو آهي، اوهان اسان کي سنڌ جي حڪومراني ڏيو اسان ڏسنداسين ته اوهان لاڙڪاڻي مان ڪيئن چونڊون کٽيندا، اسان لاڙڪاڻي جيماڻهن جي ايتري خدمت ڪنداسين، انهن کي کٽڻ جو موقعو ٻيهر نه ملندو. ان موقعي تي سينيئر مرڪزي اڳواڻ انيس احمد قائمخاني، سيد امين الحق مرڪزي ڪميٽي جا اڳواڻ، مخالف ڌر اڳواڻ علي خورشيدي، قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جا ميمبر به موجود هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو