سنڌ حڪومت ٻوڏ کان بچاءُ جا هن ڀيري به انتظام نه ڪيا: اياز پليجو

سنڌ حڪومت ٻوڏ کان بچاءُ جا هن ڀيري به انتظام نه ڪيا: اياز پليجو

حيدرآباد(بيورو چيف) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي ته سنڌ حڪومت ٻوڏ کان بچاءُ جا انتظام نہ ڪيا آھن. ڪئنالن، واھن، شاخن ۽ سم نالن جا بند مضبوط ناھن ڪيا ويا. سنڌ حڪومت بچاءَ بدران اربين روپين جي ڪرپشن لاءِ ھٿرادو ٻوڏ جا انتظام ڪري ڇڏيا آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ وفاق ۽ سنڌ ۾ بيحس حڪمران آھن. عوام دشمن پاليسين جي ڪري سنڌ جو عوام بدحالي جو شڪار آھي. پنجاب ۾ بجلي مفت آھي ۽ سنڌ ۾ لوڊشيڊنگ ۽ مھانگي بجلي جو عذاب آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ پنجاب ۾ ترقياتي ڪمن جا منصوبا آھن. سنڌ جي دولت، سنڌ جا وسيلا، سنڌ مان نڪرندڙ گئس، تيل ۽ ٺھندڙ بجلي باقي صوبن ۾ استعمال ٿي رھي آھي پر سنڌ ۾ گئس جي به لوڊشيڊنگ آھي، بجلي ۾ 20 کان 22 ڪلاڪ بند ڪئي وڃي ٿي. اياز لطيف پليجي چيو ته مسلسل ھٿرادو ٻوڏن جي ڪري سنڌ جي زرعي معيشت کي ڪاپاري نقصان ٿيو آھي. ٻوڏ لکين خاندان متاثر ڪيا. اربين روپيا عالمي امداد ملي پر متاثرن جي بحالي بدران ڪرپٽ وزير ۽ حڪمران ھڙپ ڪري ويا. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جي تعليم کي ھٿ وٺي تباھ ڪيو ويو آھي ته جيئن سنڌ ۾ جھالت ھجي. ماڻھن ۾ شعور نہ ھجي. تعليمي سجاڳي نه ھجي. اسڪول کلي ويا آھن پر اسڪولن ۾ اڃا تائين ڪتاب ناھن پھتا. جنھنڪري اسڪول ۽ ڪاليج کلڻ باوجود تعليم نظام شروع نہ ٿيو آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ کي ھٿرادو ٻوڏ ۾ تباھ ڪرڻ بند ڪيو وڃي. شھرن کي رنگ بند ڏنا وڃن. ڪئنالن، واھن، شاخن جا بند مضبوط ڪيا وڃن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو