سنڌ حڪومت جو ڪراچي کان سکر تائين بلٽ ٽرين هلائڻ تي غور

سنڌ حڪومت جو ڪراچي کان سکر تائين بلٽ ٽرين هلائڻ تي غور

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت ڪراچي کان سکر تائين بلٽ ٽرين هلائڻ تي غور شروع ڪري ڇڏيو آهي.نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي شرجيل ميمڻ چيو ته ڪجهه پرڏيهي سيڙپڪار به آيا آهن ۽ انهن سان بلٽ ٽرين سميت ٽرانسپورٽ جي منصوبن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي.هن چيو ته ڪراچي کان حيدرآباد ۽ پوءِ حيدرآباد کان سکر بلٽ ٽرين يا اسپيڊ ٽرين شروع ڪرڻ جي ڳالهه ٿي آهي، سيڙپڪارن منصوبن ۾ دلچسپي ڏيکاري آهي.سڌ سماءَ واري وزير چيو ته گلابي بسن بابت اهو به چيو ويو ته اهو ڪيئن ٿيندو پر اسان منصوبو شروع ڪري ڇڏيو آهي، گلابي ٽيڪسي منصوبو به شروع ٿيڻ جي ويجهو اچي ويو آهي.هن وڌيڪ چيو ته گرين لائين هلي رهي آهي، اورينج لائين مڪمل ٿي چڪي آهي، ريڊ ۽ يلو لائين تي ڪم ٿي رهيو آهي، بي آر ٽي جي اڏاوت دوران ڪيتريون ئي يوٽيلٽيز کي شفٽ ڪرڻو پيو جيڪو به دير جو سبب آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو