سنڌ حڪومت جو پيپلز بسون گهرائڻ جو فيصلو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت صوبي ۾ ٽرانسپورٽ جي نظام کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ نئين مالي سال ۾ پيپلز بس سروس ذريعي بسن جو انگ وڌائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. سنڌ جي ٽرانسپورٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ جي زير صدارت ۾ ٽرانسپورٽ کاتي جو اعليٰ سطح اجلاس ٿيو، جنهن سيڪريٽري ٽرانسپورٽ ٽرانسپورٽ اسد ضامن، ايم ڊي ايس ايم ٽي اي ڪمال ديو ۽ بين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ هو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ صدر آصف زرداري جو وجن آهي ته تعلقن کي ضلعي هيڊڪوارٽرز سان ملايو وڃي، جنهن ذريعي پيپلز بس سروس ذريعي اسڪيم آڻڻ تي غور ڪيو پيو وڃي. سينئر وزير چيو ته بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت تي سکر کان لاڙڪاڻو، ۽ سکر کان خيرپور تائين به پيپلز بس سروس شروع ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو