ايڊووڪيٽ عبيدالله ڇڄڻ
توانائي ڪنهن به ملڪ جي معيشت، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ اهم وسيلو هوندي آهي ۽ اسان جي ملڪي معيشت جي بحالي ۽ بدحالي جو سڄو دارومدار به توانائي سان ئي واڳيل آهي، تنهن ڪري جڏهن به توانائي جو بحران پيدا ٿيندو آهي ته نه رڳو ملڪي صنعتون ۽ ڪارخانا ٺپ ٿي ويندا آهن پر ان بحران جا عام ماڻهن جي ڪاروبار ۽ سندن معاشي زندگين تي به خراب اثر پوندا آهن، وڏيون صنعتون توانائي جي حصول لاءِ مهانگا پراجيڪٽ به وٺنديون آهن، جيڪو عمل پيداواري لاڳت ۾ اضافي جو ڪارڻ به بڻبو آهي، رڳو ايترو ئي نه پر سڄي دنيا ۾ پنهنجي پيداوري شين جي برآمد ڪرڻ به ڏکيو ٿي ويندو آهي، منافعي جي شرح گهٽ ٿي ويندي آهي، ان ڪري سيڙپڪار پنهنجي سيڙپڪاري ڪنهن ٻئي ملڪ لڳائڻ طرف مائل ٿيڻ لڳندا آهن، اسان وٽ سياري جي مند اڃا شروع ئي ناهي ٿيندي ته ملڪ ۾ هر دفعي جيان هر سال اهڙي صوررتحال پيدا ٿي ويندي آهي جو شهرن ۾ به ماڻهو ڪاٺيون ٻاري رڌ پچاءُ ڪرڻ تي مجبور ٿي وڃن ٿا! جنهن تي افسوس ٿئي ٿو ته هيترن سالن بعد به اسان توانائي جو بحران حل نه ڪري سگهيا آهيون.
سنڌ ۾ گئس جي وڌندڙ بحران جي حوالي سان وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ هڪ اهم اجلاس به ڪيو ويو آهي ۽ کيس بريفنگ ڏني وئي آهي ته سنڌ ۾ گئس بحران شدت اختيار ڪري ويو آهي، جنهن تي وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته گئس بحران سبب سيڙپڪار ۽ گهريلو واهپيدار به پريشان آهن، جڏهن ته سنڌ سڀ کان وڌيڪ گئس پيدا ڪري ٿي، ان هوندي به سنڌ کي گئس کان محروم رکيو پيو وڃي، وڏي وزير وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته سڀ کان پهرين سنڌ مان نڪرندڙ گئس مان صوبي جون ضرورتون پوريون ڪيون وڃن، ڇوته سنڌ کي گئس کان محروم ڪرڻ آئين جي آرٽيڪل 158 جي ڀڃڪڙي آهي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اهو پڻ اعلان ڪيو آهي ته سنڌ ۾ گئس جي غير منصفاڻي ورڇ جو مسئلو وفاقي سرڪار آڏو اٿاريندس. هوڏانهن پيٽروليم ڊويزن جي ترجمان جو چوڻ آهي ته جنوري 2021ع لاءِ 12 ايل اين جي ڪارگو جهازن جو انتظام ڪيو ويو آهي، جنوري لاءِ 30 سيڪڙو وڌيڪ ۽ سستي ايل اين جي گهرائي رهيا آهيون ۽ سئي ناردرن جي سسٽم ۾ 9 سيڪڙو تائين لوڊ وڌايو آهي، ڇوته سئي سدرن کي ڪراچي ۽ ڪوئيٽا ۾ گهٽ پريشر جو چئلينج سامهون آهي.
جيتوڻيڪ اسان جو ملڪ، خاص ڪري سنڌ گئس، تيل ۽ ڪاري سون سميت ڪيئي قدرتي معدني وسيلن سان مالامال آهي، جتان سڄي ملڪ جي سمورن صوبن جي ڀيٽ ۾ گئس ستر سيڪڙو کان به مٿي نڪري ٿي، جڏهن ته آئين جي آرٽيڪل 158 تحت گئس تي پهريون حق سنڌ جي عوام جو آهي، پوءِ به سنڌ کي محروم ڪيو پيو وڃي، اهو ڪٿان جو انصاف چئبو!؟ گئس جي بحران جو هڪڙو ڪارڻ اهو به آهي ته سنڌ مان جيڪا گئس نڪري ٿي، ان جو وڏو حصو ملڪ جي وڏين صنعتن، جيڪي خاص ڪري وڏي صوبي پنجاب ۾ موجود آهن، انهن کي ۽ اُتان جي صارفين کي ئي منتقل ڪيو ٿو وڃي. آرٽيڪل 158 ۾ آهي ته جنهن به صوبي مان قدرتي ذخيرا نڪرندا، انهن وسيلن تي ان صوبي جو ئي پهريون حق آهي پر حالت اها آهي جو سنڌ کي ان جي حصي جي گئس کان ڄاڻي واڻي محروم ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ملڪ جي گئس جي ستر سيڪڙو پيداوار سنڌ مان حاصل ڪئي ويندي آهي پر ظلم اهو آهي جو ان ئي صوبي کي ان جي قدرتي وسيلن کان محروم رکڻ جي سزا ڏني پئي وڃي. سنڌ جي هر ننڍي وڏي شهر ۾ گئس نه هجڻ ڪري گھرن جا چُلها وسامي ويا آهن، سنڌ جي گاديءَ واري هنڌ ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، سکر سميت هر ضلعي ۾ صورتحال اِن حد خطرناڪ حد ٿي وئي آهي جو ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو شهرن اندر به ماڻهو ڪاٺين تي باهه ٻاري رڌ پچاءُ ڪرڻ تي مجبور آهن. تازي آيل هڪ رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سنڌ صوبي جي گاديءَ واري شهر ڪراچيءَ ۾ صنعتي توڙي گهرو صارفين گئس لاءِ شديد پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن. بهرحال، وفاق جي زيادتين جي ڳالهه صرف اِتي ئي نٿي کُٽي بلڪه ان جي اُبتڙ گئس جي اگھن ۾ مختلف وقتن تي واڌ جون تجويزون به غور هيٺ اينديون رهن ٿيون پر بحران کي حل ڪرڻ لاءِ قدم نٿا کنيا وڃن. جنهن سبب عام ماڻهو اڄ اهو سوچڻ تي مجبور ٿي ويو آهي ته تحريڪ انصاف کي شايد ملڪ ۾ تبديلي لاءِ نه پر تباهي لاءِ ووٽ مليو هو. عوام کي سرسبز خواب ته ڏيکاريا ويا پر هاڻ انهن جي تعبير نهايت خوفناڪ منظر پيش ڪري رهي آهي، ان تبديلي ملڪ کي تباهي جي ڪناري تي آڻي بيهاريو آهي. اونهاري جي مند ۾ گرميون هجن يا سياري جا ٿڌا ڏينهن هجن، سدائين انهن مندن ۾ بجلي ۽ گئس جا بحران جنم وٺن ٿا ۽ انهن بحرانن ۾ سنڌ کي ئي سڀ کان وڌيڪ ڀوڳڻو پوندو آهي، جيڪا تمام وڏي زيادتي آهي. هن سال به ٿڌ جي موسم ۾ وفاقي حڪومت پاران گئس جي حوالي سان منصفاڻي پاليسي نه جوڙڻ سبب خاص ڪري سنڌ ۾ شديد بحران پيدا ٿي ويو آهي. اها حقيقت هاڻي هر ڪو ڄاڻي ٿو ته سنڌ جو ڪو اهڙو شهر ئي ناهي بچيو، جيڪو گئس جي بحران کان آجو هجي، ڪراچي کان ويندي حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻي ۽ ڪشمور سميت ٻين شهرن ۾ عوام هن بحراني ڪيفيت مان گذري رهيو آهي، پر وفاقي حڪومت جو ڪوبه نمائندو انهن جي دانهن ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، ڇاڪاڻ ته ان عوامي اشو کي به سياست جي ور چاڙهڻ جي ڪوشش ڪئي ٿي وڃي.
هن وقت سنڌ جي ڪيئي صنعتن، پاور پراجيڪٽس، سي اين جي اسٽيشنن کي به گئس جي فراهمي بند ڪيل آهي، ساڳئي وقت گهريلو صارفين به پريشان آهن، سندن ڪاروبار ۽ صنعتن جو ڦيٿو شديد متاثر ٿي رهيو آهي، هِن بحراني صورتحال ۾ هڪ پاسي سنڌ ۽ بلوچستان مان گئس ڪڍي وفاق پنهنجي من پسند وڏي صوبي پنجاب کي تمام وڏي آباد جي لحاظ کان فراهم ڪري رهيو آهي ته ٻئي طرف ٿر مان نڪرندڙ قيمتي ڪوئلو ڪڍڻ جي باوجود به ملڪ ۾ نه ته بجلي جو بحران ختم ٿي رهيو آهي ۽ نه ئي وري گئس جو مسئلو ختم ٿي رهيو آهي. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ايران سان جيڪو گئس جو معاهدو ڪيو هو، ان تي به هن وقت ڪم ٿيندي نظر نه پيو اچي ۽ نه ئي ان منصوبي بابت هن وقت تائين ڪا وضاحت پيش ڪئي وئي آهي، جيڪڏهن ملڪ مان گئس جو بحران ختم نه پيو ٿئي ته پوءِ آخر اهو مسئلو ڪيئن حل ٿيندو؟ ان جو حل ته حڪومت کي ڳولهڻ آهي، جيڪڏهن هن ملڪ ۾ گيس جي پيداوار گهٽ آهي ته اها ٻين ملڪن کان به خريد ڪري پوري ڪري سگهجي ٿي، پر حڪومت نه ته مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ڪي قدم کڻي رهي آهي ۽ نه ئي وري عوام کي اهو ٻڌايو پيو وڃي ته آخر گئس جو مسئلو ڪڏهن حل ڪيو ويندو، جيڪڏهن وفاقي سرڪار گئس ۽ بجلي جي بحران کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪو قدم کڻي ها ته اڄ سنڌ ۾ بجلي يا گئس جي ايتري لوڊشيڊنگ نه ٿئي ها ۽ نه ماڻهو روڊن تي نظر اچن ها، پر اڄ روزانو سنڌ جي ڪنهن نه ڪنهن شهر مان احتجاج جون خبرون رپورٽ ٿي رهيون آهن ته سندن گهرن ۾ رڌ پچاءُ لاءِ گئس به ميسر ناهي، جنهن مان هاڻي حڪومت جي پت وائکي ٿي چڪي آهي ته اها عوام جي فلاح لاءِ ڪيترو ڪم ڪري رهي آهي، ٻهراڙين ۾ به هونئن به عوام کي بنيادي سهولتون فراهم نٿيون ڪيون وڃن پر شهرن ۾ به اها حالت آهي جو گئس جي گهرج موجب فراهمي ممڪن نٿي بنائي وڃي، حڪومت سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٻين شهرن ۾ به گئس فراهم نٿي ڪري سگهي ته اندازو لڳايو، ٻهراڙين وارن علائقن جو ڪهڙو حشر هوندو!؟
بحيثيت هڪ وڪيل ۽ قانوندان جي آئون سمجهان ٿو ته اصولي طور تي تيل ۽ گئس جي ايڏي وڏي دولت ملڪي ناڻي ۾ ڏيندڙ سنڌ ۽ بلوچستان ملڪ جا امير ترين صوبا هجڻ گهرجن ها پر انهن جي سماجي ۽ معاشي پسماندگي جو ڏسي انتهائي افسوس ٿئي ٿو، مٿان وري انهن ناجائزين جو ٻيو اهم پاسو تيل ۽ گئس پيدا ڪندڙ ڪمپنين ۾ نوڪرين جو آهي، جن تي هڪ مخصوص لابيءَ جو قبضو آهي. تيل ۽ گئس ڪڍندڙ ڪمپنين ۾ نوڪرين ۾ به سنڌ جي ٻهراڙين جي ماڻهن جو انگ اٽي ۾ لوڻ کان به گهٽ آهي، پرائيويٽ سيڪٽر، خاص طور تي پرڏيهي ڪمپنين ۾ ته حالت ويتر خراب آهي، جتي سنڌي ماڻهن کي اهو چئي نه ٿو رکيو وڃي ته وٽن گهربل اهليت ناهي، جنهن مان صاف ظاهر آهي ته هڪ مخصوص لابي انهن ادارن تي قابض آهي، جيڪا سنڌين کي انهن ڪمپنين ۾ پير رکڻ نٿي ڏئي ۽ اهو جواز پيش ڪيو ٿو وڃي ته سنڌ جا نوجوان فني سکيا نه هجڻ ڪري انهن نوڪرين جي اهل ناهن، پر بنيادي طور تي اها حڪومت جي ذميداري هئي ته اها انهن نوڪرين لاءِ اهڙيون سکيا گاهون ۽ سينٽر فراهم ڪري ها، جتي سنڌ جي نوجوانن کي تربيت ڏني وڃي ها ته جيئن هو نه صرف وڌ کان وڌ اهليت حاصل ڪن ها بلڪه مقامي سطح تي نوڪريون حاصل ڪرڻ جو حق به ماڻين ها. بهرحال، تيل ۽ گئس جي ڪمپنين جي ان جواز کي ڪنهن به ريت قبولي نٿو سگهجي، بلڪه انهن ڪمپنين کي جڏهن سنڌ جي علائقن ۾ تيل ۽ گئس ڪڍڻ جو ڪم جاري رکڻو آهي ته اصولي طور اها سندن ذميواري بڻجي ٿي ته اهي مقامي ماڻهن جي گهربل تربيت ڪري کين نوڪرين ۾ اوليت ڏين.
اها به ڳالهه عالم اشڪار آهي ته سڄي ملڪ کي سڀني کان وڌيڪ ڪمائي ڏيڻ وارو صوبو سنڌ آھي پوءِ به سنڌ سان جيڪا ويساگھاتي ٿئي ته ان کي ڪوبه سنڌي برداشت نه ڪندو، دنيا ۾ جمهوري ملڪن اندر ائين ڪٿي به ناهي ته مرڪز صوبن جي وسيلن تي قابض ٿئي پر هتي ڪڏھن نوڪرين تي قبضا ته ڪڏھن ناڻي ۽ پاڻي ورڇ سميت سنڌ جي ٻين وسيلن تي ڌاڙا هنيا ٿا وڃن، جيڪو عمل ڪنهن به ريت قابل قبول ناهي. جيستائين سنڌ ۾ گئس جي بحران جو تعلق آهي ته ٻين وسيلن جيان سنڌ کي پنهنجي ئي گئس کان محروم رکڻ آئيني ۽ جمهوري اصولن جي ڀڃڪڙي سان گڏوگڏ سڄي ملڪ جو بار سنڌ جي عوام تي رکڻ هتان جي ماڻهن کان مانيءَ جو گرهه کسڻ برابر آهي، ساڳي ريت اهو سوال به اُٿي ٿو ته اها ڪهڙي مديني واري رياست چئبي، جتي گهر جون عورتون گئس نه ملڻ ڪري رڌ پچاءُ نه ڪري سگهن ۽ گهر جا ڀاتي بُکن تي ويٺا هجن!؟ ان ڪري حڪمرانن کي سنجيدگي سان سوچڻ گهرجي ته سنڌ ۾ رهندڙ ماڻهو به هِن ملڪ جو ئي حصو آهن، پوءِ اهڙو امتيازي ورتاءُ ڇو ٿو اختيار ڪيو وڃي، جنهن سان وڇوٽيون پيدا ٿين!؟ بهرحال، حڪومت کي گهرجي ته جلد کان جلد گئس جي بحران تي ضابطو آڻي ۽ سنڌ جي انهن علائقن تائين به گئس فراهم ڪئي وڃي جتي اڄ ڏينهن تائين ماڻهو ان بنيادي سهولت کان وانجهيل آهن. advocateubedullah@gmail.com










