ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ سنڌ جي ثقافتي ڏهاڙي جون واڌايون ڏنيون آهن.ثقافتي ڏهاڙي تي جاري ڪيل بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هي ڏينهن سنڌو ماٿريءَ جي ڀرپور ثقافتي ورثي، شاندار روايت ۽ لازوال قدرن جو مظهر آهي.هن چيو ته ثقافت جو ڏهاڙو سنڌ جي لازوال ليگسي، ڀائيچاري، رواداري ۽ شموليت کي ظاهر ڪري ٿو، سنڌ صوفي بزرگن جي ڌرتي آهي، سنڌ جو اتحاد ڀائيچاري جو پيغام دلين کي متاثر ڪندو آيو آهي.بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپي رڳو ثقافتي اهڃاڻ نه پر سنڌ جي سڃاڻپ ۽ قدر جو ثبوت آهن.پ پ چيئرمين چيو ته اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپي سندن لاءِ احترام، وقار ۽ فخر جي علامت آهن، سنڌ جي ثقافت کي محفوظ رکڻ ۽ هٿي ڏيڻ لاءِ وڌيڪ قدمن جي ضرورت آهي.بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڀٽائي، سچل ۽ قلندر جي محبت، انسانيت ۽ امن جا پيغام سنڌ جي سڃاڻپ جو روح آهن، پ پ سنڌ جي ثقافتي ورثي جي تحفظ لاءِ پرعزم آهي.
انڊس ويلي سولائيزيشن پاڪستان جي سر جو تاج آهي : شازيا مري
پ پ ايم اين اي شازيا مري سنڌي ثقافت جون واڌايون ڏنيون آهن.جاري ڪيل بيان ۾ شازيا مري چيو ته سنڌ جي ثقافت جو ڏينهن ڀائيواري جو پيغام آهي،انڊس ويلي سولائيزيشن پاڪستان جي سر جو تاج آهي.هن چيو ته پيپلزپارٽي جي حڪومت ۾ پهريون ڀيرو ثقافت کاتو قائم ٿيو، صدر آصف علي زرداري سنڌي ٽوپي پائي عالمي سطح تي پاڪستان جي نمائندگي ڪئي، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصفه ڀٽو زرداري به ثقافت کي هر سطح تي هٿي ڏئي رهيا آهن.
قومون پنهنجي ثقافت سان سڃاتيون وينديون آهن: مراد علي شاهه
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ثقافتي ڏهاڙي جون واڌايون ڏنيو آهن.جاري ڪيل بيان ۾ وڏي وزير چيو ته قومون پنهنجي ثقافت سان سڃاتيون وينديون آهن، مهمان نوازي سنڌ جي روايت آهي، کيس فخر آهي ته هو صوبي جي ڌرتي سنڌ ۾ پيدا ٿيو آهي.هن چيو ته کيس ۽ سندس خاندان کي سنڌ جي خدمت جو بار بار موقعو مليو، جنهن کي هو پنهنجو اعزاز سمجهي ٿو، سنڌ جي عظيم تهذيب جو ڏينهن ملهائڻ خوشيءَ جو سبب هوندو آهي.وڏي وزير چيو ته سندن عزم آهي ته سنڌ ۾ امن قائم ڪري سنڌي تهذيب جي عروج وارو زمانو واپس آڻن ۽ سنڌ کي جديد دور جي قيادت لائق بڻائن.سيد مراد علي شاهه چيو ته نوجوانن کي اپيل آهي ته اهي جديد تعليم حاصل ڪن ۽ ڪتابن کي دوست بڻائڻ.
سنڌ جي ثقافت امن، برابري ۽ محبت جي اصولن تي ٻڌل آهي : ڄام خان شورو
سنڌ جي آبپاشي کاتي واري صوبائي وزير ڄام خان شورو پاران سنڌ جي ثقافتي ڏھاڙي جي موقعي تي سنڌين کي واڌايون پيش ڪندي چيو آهي ته سنڌ جي ثقافت امن، برابري ۽ محبت جي اصولن تي ٻڌل آهي. ثقافتي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ صوبائي وزير ڄام خان شورو چيو ته سنڌ جي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ تي سنڌي ميڊيا جس لهڻي. هن چيو ته سنڌ جي ثقافت 5 هزار سال پراڻي آهي، سنڌي محبت ڪندڙ ۽ امن پسند قوم آهي. صوبائي وزير ڄام خان شورو جو چوڻ هو ته سنڌ واسي سنڌ دشمن منصوبن کي رد ڪري چڪا آهن، سنڌو درياهه تي نوان ڪئنال ڪنهن به صورت ۾ اڏڻ نه ڏينداسين.
گورنر ڪامران خان ٽسوري طرفان سنڌ جي ثقافتي ڏهاڙي تي سنڌي عوام کي مبارڪ
سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوريءَ سنڌ جي ثقافتي ڏهاڙي جو واڌايون ڏنيون آهن. جاري ڪيل بيان ۾ ڪامران ٽسوريءَ چيو ته سنڌ جي ثقافتي ڏهاڙي تي هو صوبي جي عوام کي واڌايون ڏي ٿو. هن چيو ته ثقافتي ڏينهن تي صوبي جا ماڻهو پنهنجي ثقافت سان محبت جو اظهار ڪرڻ لاءِ صوبي جي ثقافت سنڌي ٽوپيون ۽ اجرڪ پائيندا آهن. ڪامران ٽوسري چيو ته سنڌ جي ثقافت قديم ۽ تاريخي اهميت رکي ٿي، جيڪا هزارين ورهين تي ٻڌل آهي، هو صوبي جي ثقافتي قدرن، روايتن ۽ ٻولين جي حفاظت جو وچن ڪن ٿا. سنڌ جي گورنر چيو ته سنڌ جي ثقافت امن، ڀائيچاري ۽ پيار محبت جو پيغام ڏئي ٿي.










