سنڌ جي بقا لاءِ ڪنهن به قسم جي جدوجهد کان نه ڪيٻائينداسين

سنڌ جي بقا لاءِ ڪنهن به قسم جي جدوجهد کان نه ڪيٻائينداسين

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر ۽ سنڌو درياھ بچايو تحريڪ جي ڪنوينر سيد زين شاھ سنڌ جي عوام کي پرزور اپيل ۽ پارٽي جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي ھدايت ڪئي آھي ته پھرين ڊسمبر تي “سنڌو تو ۾ ساھ آ منھنجو” جي عنوان هيٺ سموري سنڌ ۾ سنڌو درياهه سان عھد وفا جو وچن ورجائن، سنڌو درياھ جي حفاظت ڪرڻ ۽ ان جي تحفظ جي وچن لاء سنڌ مان گذرندڙ سنڌو درياھ جي ڪنارن تي پھچي سنڌو درياھ کي گلن جي ڀيٽائون پيش ڪن ۽ سنڌ جي ننڍي وڏي شھرن ۾ مارچ ڪڍيا وڃن ته جيئن پاڻ سڄي سنڌ سان گڏجي ان ڏينهن تي پنھنجي جياپي جي اهم ذريعي سنڌو درياھ سان اهو وچن ڪريون ته درياھ جي تحفظ لاء سڄي زندگي به جدوجهد ڪرڻي پئي ۽ ان لاء ڪنهن به قسم جي قرباني ڏيڻي پئي ته اها به ڏينداسين پر پنھنجي درياھ جو تحفظ ڪندا رهنداسين، پھرين ڊسمبر تي سڄي سنڌ ۾ سنڌو درياھ سان اهو وچن ڪريون ته اي سنڌو ندي تون اسان جي عظيم تاريخ،ثقافت،تھذيب جو اهڃاڻ ۽ اسان کي زرعي ۽ معاشي سگھ بخشيندڙ آھين ۽ اسان اڄ سڄي سنڌ ۾ گڏجي توسان اهو وچن ڪريون ٿا ته تنهنجي تحفظ ۽ بقا لاء ڪنهن به قسم جي جدوجهد کان نه ڪيٻائينداسين،تنھنجي خلاف ٿيندڙ سمورين ناپاڪ سازشن کي ناڪام بڻائينداسين ۽ تو کي ڏار وجهي تو مان غير آئيني ۽ غير قانوني ڪئنالن ڪڍڻ جي سازشن کي پڻ ڀرپور عوامي جدوجهد ذريعي ناڪام بڻائينداسين ڇاڪاڻ ته اسان جو مستقبل،ماضي حال ۽ سڀ ڪجھ توسان لاڳاپيل آھي تنهنڪري تنھنجي حفاظت لاء ھر ممڪن جدوجھد ڪنداسين، اھڙي قسم جو وچن ورجائڻ لاء پارٽي جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن پنھنجي ڀرپور ڪوشش ڪن،سيد زين شاھ وڌيڪ چيو ته سنڌو درياھ اسان جي معاشي سگھ آھي ۽ اسان جي ايندڙ نسلن جي امانت آھي،سنڌو درياھ اسان کي ھزارين سالن کان وھندڙ امانت طور مليو آھي جنهن کي پنهنجي ايندڙ نسلن تائين سلامتي سان پھچائڻ اسان جي ذميواري ۽ فرض آھي تنھنڪري سنڌو درياھ جي خلاف ٿيندڙ سمورين سازشن جو ڄمي مقابلو ڪنداسين ۽ اسان کي يقين آھي ته فتح اسان جي ئي ٿيندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو